لاهور ۾ فيڪٽري واقعو، فوتين جو انگ 23 ٿي ويو، ڪيترائي اڃان ڦاٿل

لاهور (بيورو) لاهور ۾ پيش آيل فيڪٽري حادثي ۾ حياتيون وڃائيندڙ پورهيتن جو انگ 23 ٿي ويو، 80 کان وڌيڪ زخمين جو مختلف اسپتالن ۾ علاج هلندڙ آهي،جڏهن ته ڍيرن هيٺان دٻيل سَوَ کان وڌيڪ پورهيتن کي ڪڍڻ لاءِ فوجي جوانن جي مدد سان ريسڪيو آپريشن جاري آهي. گذريل ڏينهن لاهور جي سندر انڊسٽريل اسٽيٽ ۾ چار ماڙ فيڪٽري جي ڇت ڌماڪي سان ڊهڻ سبب سوين پورهيت دٻجي ويا هئا. هانءُ ڏاريندڙ حادثي کان ترت پوءِ ريسڪيو آپريشن شروع ڪندي 16 ڄڻن جا لاش ۽ 80 کان وڌيڪ زخمين کي ڪڍي اسپتال پهچايو ويو هو،جڏهن ته رات دير سان وڌيڪ ٽن ڄڻن جا مڙهه به ڪڍيا ويا، جنهن بعد فوتين جو انگ 19 ٿي ويو آهي. فيڪٽري حادثي ۾ زخمي ٿيل 80 کان وڌيڪ پورهيتن جو جو مختلف اسپتالن ۾ علاج هلندڙ آهي. اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته ڊهي پيل فيڪٽريءَ جي ڍيرن هيٺان اڃا هڪ سئو کان وڌيڪ ماڻهو دٻيل آهن، جن جي ريسڪيو لاءِ پاڪ فوج، بحريه ٽائون ۽ ٻين ادارن جي مدد سان امدادي سرگرميون جاري آهن. ريسڪيو ذريعن موجب، مٽيءَ جي ڍيرن هيٺان دٻيل ڪيترن ئي ماڻهن جو پتو ناهي پئجي سگهيو،جنهن سبب فوتين جي انگ ۾ واڌ جو خدشو آهي. ٻئي پاسي پنجاب جي وڏي وزير ميان شهباز شريف حادثي جي جاچ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. پنجاب جي وڏي وزير فوتين جي وارثن لاءِ 5، 5 لک رپيا معاوضي جو اعلان به ڪيو آهي،جڏهن ته وزيراعظم نواز شريف حادثي جي زخمين جو علاج سرڪاري خرچ تي ڪرائڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *