لاهور ۾ عيسائي ڀائرن جي چرچ تي ڌماڪا بزدلاڻي ڪارروائي آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) بلديات ۽ اطلاعات واري وزير ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ لاهور ۾ عيسائي برادري جي چرچ تي ٿيندڙ ڌماڪن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ان کي دهشتگردن جي بزدلاڻي ڪارروائي قرار ڏنو آهي. هن مسيحي برادري کي يقين ڏياريو آهي ته پاڪستان ۾ رهندڙ هڪ هڪ مسلمان پنهنجي مسيحي ڀائرن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي ۽ سنڌ حڪومت مسيحي برادري سان گڏوگڏ اقليتن جي عبادتگاهن ۽ انهن جي جان ۽ مال جي مڪمل حاظت ڪندي. هن چيو ته طالبان ڊڄڻا، بزدل ۽ ڪانئر آهن ۽ آپريشن ضرب عضب طالبان جي چيلهه ٽوڙي وڌي آهي. ان لاءِ هو بزدلاڻيون ڪارروايون ڪري رهيا آهن. آچر تي جاري پنهنجي بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته لاهور ۾ عيسائي ڀائرن جي چرچ تي ڌماڪا بزدلاڻي ڪارروائي آهي. هن چيو ته هر پاڪستاني ۽ هر مسلمان عيسائي ڀائرن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته طالبان ڊڄڻا، بزدل ۽ ڪانئر آهن هو نه ته مسلمان آهن نه ئي پاڪستاني ۽ نه ئي انسان آهن. هن چيو ته آپريشن ضرب عضب طالبان جي چيلهه ٽوڙي وڌي آهي. ان لاءِ هو بزدلاڻيون ڪارروايون ڪري رهيا آهيون. شرجيل ميمڻ مسيحي برادري کي پرامن رهڻ جي تلقين ڪندي چيو آهي ته پوري پاڪستاني قوم انهن سان گڏ آهي. پاڪستاني پنهنجن جانين جا نذرانا ڏئي به اقليتن جي حفاظت ڪندا. شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت پوري صوبي ۾ اقليتن کي مڪمل تحفظ فراهم ڪندي صوبي ۾ مسلمانن جيان اقليتن ۽ انهن جي عبادتگاهن جي حفاظت اسان جو فرض آهي ۽ ان کي اسان پورو ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *