لاهور ۾ به رائو انوار آهن، انهن ۾ ڪڏهن هٿ وڌو ويندو: طاهر القادري

لاهور (اين اين آءِ) پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهرالقادري چيو آهي ته ملڪي سياست ۽ گهرو حالتن کي نظر ۾ رکي احتجاج جي حڪمت عملي کي پنهنجي حق لاءِ محفوظ ڪري ورتو آهي جنهن وقت ضرورت پوندي اسان پنهنجو حق استعمال ڪري سگهون ٿا ۽ ان لاءِ اسان کي ڪنهن کان اجازت وٺڻ جي ضرورت نه پوندي لاهور ۾ به وڏي انگ ۾ رائو انوار آهن ۽ انهن ۾ ڪڏهن هٿ وڌو ويندو. چيف جسٽس نوٽيس وٺي ۽ جي آءِ ٽي بڻائي نواز شريف چوي ٿو ته طاهرالقادري جو جلسو ناڪام ٿي ويو ۽ ان ۾ خالي ڪرسيون ئي هيون پر اصل ۾ نواز شريف خالي ڪرسين کان به ڊنل آهي. ماڊل ٽائون ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته  عوامي تحريڪ هاڻي سياسي ۽ قانوني حڪمت عملي کي ترجيح بڻايو آهي شهباز شريف سميت 14 نامزد جوابدارن کي هاڻي عدالت ۾ گهرائينداسين. هن چيو ته نواز شريف بجلي چوري ڪري جڙان واله جو جلسو ڪيو نواز شريف چوي ٿو ته طاهرالقادري جو جلسو  ناڪام ويو نواز شريف کي جلسي جون خالي ڪرسيون به ڪم ڪندي نظر اچن ٿيون ۽ ان جو خوف صحيح آهي ته هو وڃڻ وارو آهي ڪو خطرو ضرور موجود آهي جنهن ۾ نواز شريف کي طاهرالقادري نظر اچي ٿو هن چيو ته 17 جون 2014 تي رياست پاران ماڊل ٽائون ۾ شهرين جي رتوڇاڻ ڪئي وئي جڏهن ته باقر نجفي رپورٽ ۾ اها ڳالهه ثابت ٿي وئي ته پوليس پاران هڪ طرفي فائرنگ ڪئي وئي پوليس کي ماڻهو مرڻ ۽ رت وهائڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو هو جيڪو هن پورو ڪيو طاهرالقادري چيف جسٽس پاران مختلف واقعن تي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ کي سٺو قدم قرار ڏيندي چيو ته هن ملڪ جو غريب عوام ۽ ماڊل ٽائون سانحي جا متاثر چيف جسٽس ڏانهن واجهائي رهيا آهن ڪراچي وانگر لاهور ۾ به رائو انوار جو وڏو انگ موجود آهن انهن ۾ ڪڏهن هٿ وڌو ويندو چيف جسٽس کي اپيل آهي ته هو انهن رائو انوارن جي خلاف نوٽيس وٺي ۽ جي آءِ ٽي جوڙي ماڊل ٽائون سانحي ۾ 14 ماڻهن جي شهادت ۽ هڪ سئو کان وڌيڪ زخمي ڪرڻ جي واقعي جو نوتيس ورتو وڃي. سندس چوڻ هو ته قصور واقعي کانپوءِ پوليس جي سموري طاقت لڳل آهي پر پوءِ به نينگرين کي اغوا ڪيو پيو وڃي جوابدار عمران جي گرفتاري کانپوءِ به قصور ۾ هڪ ٻيو ٻارڙو اغوا ٿيو جيڪي پنجاب حڪومت جي نااهلي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *