لاهور ۾ اين اي 122 ۾ وڌل ووٽن جي ڳڻپ ۽ انهن جي تصديق جو حڪم

لاهور(م.ڊ) اليڪشن ٽربيونل قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 122 ۾ وڌل ووٽن جي ڳڻپ ۽ انهن جي تصديق جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي لاهور ۾ اليڪشن ٽربيونل جي جج ڪاظم علي ملڪ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 122 تي عمران خان جي عزرداري جي ٻڌڻي دوران پنهنجي مختصر فيصلي ۾ رٽائرڊ جج غلام حسين اعواڻ جي سربراهي ۾ ڪميشن قائم ڪندي اين اي 122 ۽ ان ئي تڪ بابت صوبائي اسيمبلي تڪ پي پي 147 ۾ وڌل ووٽن جا ٿيلها کولڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت چيو ته ڪميشن نادرا مان ووٽن جي تصديق کانپوءِ 15 ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *