لاهور ۾ آپگهاتي بم حملو، ٻن پوليس اهلڪارن سميت 5 ڄڻا شهيد، ڌماڪي جي ذميواري الحرار قبولي ورتي

لاهور (بيورو) لاهور ۾ قلعه گجر سنگهه پوليس لائينز ٻاهران آپگهاتي بم حملي جــَي نتيجي ۾ پوليس اهلڪارن سميت 5 ڄڻا شهيد ۽ 25 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ڌماڪي سبب ٽن گاڏين کي باهه وڪوڙي وئي ۽ ڀرپاسي وارين عمارتن کي به نقصان پهتو. لاهور جي علائقي ايجرٽن روڊ تي واقع قلعه گوجر سنگهه پوليس لائنز وٽ هوٽل ٻاهران ڌماڪو ٿيو. ڌماڪي جي نتيجي ۾5 ڄڻا شهيد ۽ 25 زخمي ٿيا، جڏهن ته شهيد ٿيلن ۾ 2 پوليس اهلڪار وقار ۽ يوسف به شامل آهن. ڌماڪي بعد شهر جي سمورين اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي. زخمين مان چئن ڄڻن کي گنگا رام، ٻن کي سروسز ۽ ڇهن زخمين کي ميو اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو جتي زخمين جي حالت نازڪ هئڻ سبب فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي. ڌماڪي سبب ڪجهه گاڏين کي باهه وڪوڙي وئي جڏهن ته ڀرپاسي وارين عمارتن جا شيشا ٽــُٽي پيا. واقعي بعد پوليس علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو آهي جڏهن ته ڀرپاسي وارين عمارتن تي ايليٽ فورس جا اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن. سي سي پي او لاهور جو چون آهي ته ڌماڪو آپگهاتي هو ۽ بمبار سخت سڪيورٽي سخت هئڻ ڪري پوليس لائينز اندر نه پهچڻ سبب پاڻ کي ٻاهر ئي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. آپگهاتي بم حملي ۾ مارجي ويل 5 ڄڻن مان 4 ڄڻن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي جڏهن ته هڪ ڄڻي جي اڃا تائين سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. اسپتال جي ذريعن مطابق اسپتال ۾ آندل لاشن مان 20 ورهين جي ايم عباس پٽ محمد رمضان، 35 ورهين جي وقار احمد پٽ محمد اسلم، 35 ورهين جي محمد امجد پٽ مختار احمد ۽ 47 ورهين جي راڻا ايم يوسف پٽ محمد منشي جي نالن سان سڃاڻپ ٿي آهي جڏهن ته هڪ فوتي جي اڃا تائين سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. ميو اسپتال جي 11 زخمين کي آندو ويو آهي جن ۾ ايم اشرف، عبدالرزاق، اسلم جاويد، عامر افضل، صائمه عمران، شمائله ايوب، محمد احسان، ڪمال جلال مسيح، رمضان عبدالخالق، حافظ زاهد افضل ۽ عبدالله عمران شامل آهن. سمورن زخمين کي معمولي زخم رسيا آهن ۽ کين علاج بعد هڪ يا ٻن ڏينهن اندر فارغ ڪيو ويندو. صدر ممنون حسين، وزيراعظم نواز شريف، پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف، آصف علي زرداري، عمران خان، وفاقي وزير پرويز رشيد، شيري رحمان ۽ ٻين ڌماڪي جي مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم واقعي جو نوٽيس وٺندي پنجاب حڪومت کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. هوڏانهن ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان کان الڳ ٿيندڙ جماعت الاحرار خودڪش ڌماڪي جي ذميواري قبول ڪئي آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *