لاهور ٽيسٽ: آسٽريليا 5 وڪيٽن جي نقصان تي 232 رنسون ٺاهي ورتيون

لاهور (اسپورٽس نيوز) آسٽريليا پاڪستان خلاف ٽين ٽيسٽ جي پهرئين ڏينهن عثمان خواجا ۽ اسٽيو سمٿ جي بهترين بيٽنگ عيوض 5 وڪيٽن جي نقصان تي 232 رنسون ٺاهي ورتيون.لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ آسٽريلوي ڪپتان پيٽ ڪمنز ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.آسٽريليا اننگز شروع ڪئي ته ٽئين ئي اوور ۾ شاهين آفريدي، ڊيوڊ وارنر کي ايل بي ڊبليو آئوٽ ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ مارنس لبوشين ڪريز تي آيو ۽ کاتو کولڻ بنا اهو به شاهين آفريدي جو شڪار بڻجي ويو.8 رنسن تي ٻه وڪيٽون وڃائڻ کانپوءِ عثمان خواجا ۽ اسٽيو سمٿ ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي ٽيم جو اسڪور اڳتي وڌايو، سمٿ 59 ۽ خواجا91 رنسون ٺاهڻ کانپوءِ آئوٽ ٿيو.آسٽريليا جو مجموعي اسڪور 206 تي پهتو ته ٽريوس هيڊ جي اننگز به تمام ٿي، جنهن 26 رنسون ٺاهيون.پهرئين ڏينهن راند جي پڄاڻي تائين آسٽريليا 2 وڪيٽن جي نقصان تي 232 رنسون ٺاهيون، ڪيمرون گرين 20 ۽ ايليڪس ڪيري 8 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *