لاهور قلندرز: عاقب جاويد هيڊ ڪوچ ۽ فخر زمان نائب ڪپتان مقرر

لاهور(اسپورٽس نيوز) لاهور قلندر جي چيئرمين راڻا فواد عاقب جاويد کي ٽيم جو هيڊ ڪوچ ۽ فخر زمان کي نائب ڪپتان مقرر ڪري ڇڏيو. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا فواد چيو ته لاهور قلندر جو ڪوچ عاقب جاويد هوندو، هو ڊائريڪٽر ڪرڪيٽ آپريشنز به رهندو. راڻا فواد چيو ته لاهور قلندرز ۾ نون ماڻهن کي آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، قلندرز جي نائب ڪپتان فخر زمان هوندو ۽ برينڊن ميڪولم جي ڪپتاني ۾ ٽيم اڳتي ويندي. ان موقعي تي فخر زمان چيو ته عاقب جاويد کان ٽريننگ لاءِ رابطو ڪيو، نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ ٽريننگ به ڪافي صلاحيتيون اڀاريون جڏهن ته منهنجي ڪاميابي ۾  لاهور قلندر جو گهڻو هٿ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *