لاهور سيشن عدالت ۾ فائرنگ سبب پوليس اهلڪار سميت 2 ڄڻا مارجي ويا

لاهور(ويب ڊيسڪ) سيشن عدالت ۾ فائرنگ سبب پوليس اهلڪار سميت 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ 2 زخمي ٿي پيا. تفصيل موجب قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار ملڪ امجد خان کي سيشن ڪورٽ ۾ عدالت ۾ پيشي لاءِ آندو ويو ته مخالف گروپ جي ماڻهن مٿس فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ جوابدار ملڪ امجد سان گڏ پوليس اهلڪار به مارجي ويو. فائرنگ سبب ملڪ امجد جي هڪ ساٿي سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. جوابدارن ۽ پوليس وچ ۾ ڪافي دير تائين فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي تنهن هوندي حملي آور فائرنگ ڪندي فرار ٿي ويا. واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس جي ڳري نفري طلب ڪئي وئي ۽ جوابدارن جي ڳولا لاءِ سرچ آپريشن ڪيو ويو. تنهن هوندي حملي آور هٿ نه اچي سگهيا. مارجي ويل پوليس اهلڪار هيڊ ڪانسٽيبل هيو جنهن جي سڃاڻپ آصف جي نالي سان ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *