لاهور خودڪش حملن خلاف ملڪ جي مختلف شهرن ۾ مسيحي برادري جو احتجاج، ڌرڻا، روڊ بلاڪ، گاڏين تي پٿراءُ

اسلام آباد (بيورو) لاهور جي علائقي يوحنا آباد جي گرجا گهرن ۾ خودڪش حملن خلاف ملڪ جي مختلف شهرن ۾ مسيحي برادري رستن تي نڪري آئي ڪراچي جي مختلف علائقن  عيسيٰ نگري، قيوم آباد ۽ اختر ڪالوني ۾ آباد مسيحي برادري جي مڇرلي ماڻهن احتجاج ڪندي يونيورسٽي روڊ ۽ ڪورنگي روڊ کي مختلف جاين تان بلاڪ ڪري ڇڏيو ان موقعي تي مظاهرين گاڏين تي پٿراءُ ڪيو ۽ سرڪاري ملڪيتن کي به نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي مظاهرين جو چوڻ هو ته گذريل سال پشاور ۾ گرجا گهر ۾ دهشتگردي جا زخم اڃان ڀريا نه هئا ته لاهور ۾ 2 گرجا گهرن کي نشانو بڻايو ويو هنن مطالبو ڪيو ته ملڪ ۾ جاري دهشتگردي جي واقعن ۾ ملوث ماڻهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي ننڪانه صاحب ۾ مسيحي برادري احتجاج ڪندي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 137 تي ٿيندڙ ضمني چونڊن لاءِ جاري پولنگ کي روڪرائي ڇڏيو جڏهن ته ڪجهه دير کانپوءِ پولنگ ٻيهر شروع ڪئي وئي، حيدرآباد ۾ مسيحي برادري توپ چورنگي تي احتجاج دوران ٽائر ساڙيا، سيالڪوٽ ۾ مسيحي برادري سبلائم چوڪ تي احتجاج ڪندي رستن تي هر قسم جي ٽريفڪ کي بند ڪري ڇڏيو ان کان علاوه راولپنڊي، گوجرانوالا ۽ ملتان ۾ به مسيحي برادري طرفان ڀرپور احتجاج ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *