لانڍي ريلوي اسٽيشن تي قائم فليٽن تان قبضا ختم ڪرائي شهيدن جي وارثن کي ڏيڻ جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه لانڍي ۾ ريلوي اسٽيشن جي ويجهو سنڌ حڪومت پاران پي پي جي شهيدن جي وارثن ۽ سرڪاري ملازمن کي الاٽ ڪيل فليٽن تي غير قانوني قبضي جو سختي سان نوٽيس وٺندي ڊِي آءِ جي اوڀر کي سرڪاري فليٽ قبضي خورن کان فوري طور تي خالي ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. هن سنڌ رزرو پوليس ( ايس ار پي) کي 368 فليٽ پنهنجي قبضي ۾ وٺي حقيقي الاٽيز کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. وڏي وزير اعلان ڪيو ته غير قانوني قبضا خورن کان سرڪاري فليٽ خالي ڪرائي اهي سنڌ پوليس جي شهيدن جي وارثن کي ڏنا ويندا. هن اهڙا حڪم ۽ اعلان ڪالهه وزير اعليٰ هائوس ڪراچي ۾ لانڍي ريلوي اسٽيشن جي ويجهو سرڪاري فليٽن تي قبضن جي حوالي سان منعقد ڪيل اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيا. اجلاس ۾ وڏي وزير جا صلاحڪار راشد رباني، پي پي ضلعي اولهه جو صدر راجا رزاق، بينظير ڀٽو هائوسنگ سيل جي چيئرمين منظر عباس، ڊي آءِ جي اوڀر منير شيخ ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته پي پي هي فليٽ پي پي جي شهيدن جي وارثن ۽ سرڪاري ملازمن جي رهائش جي لاءِ ٺاهيا هئا. هن چيو ته سڀئي 368 فليٽن مان صرف 155 فليٽ 18 آڪٽوبر 2007 ۽ 27 دسمبر 2007 جي پي پي جي شهيدن جي پونئرن کي الاٽ ڪيا ويا هئا جڏهن ته باقي فليٽ اڻ سڃاڻپ ٿيل شهيدن جي وارثن جي لاءِ مختص ڪيا ويا هئا پر بد قسمتي سان انهن جي ڪا به شناخت نه ٿي سگهي. وڏي وزير بينظير ڀٽو هائوسنگ سيل جي چيئرمين کي هدايت ڪئي ته هو فليٽن جي الاٽيز جي لسٽ فوري طور تي فراهم ڪري ۽ اصلي الاٽيز کانسواءِ باقي سڀني قبضا خورن کان فوري طور تي فليٽ خالي ڪرايا وڃن. هن چيو ته سنڌ حڪومت آءِ جي سنڌ کي وڏي رقم فراهم ڪئي آهي ته جيئن هو پوليس اسٽيشن جي حدن ۾ سنڌ پوليس جي فورس لاءِ فليٽس تعمير ڪرائي. هن آءِ جي کي پڻ هدايت ڪئي ته هو فوري طور تي اهي فليٽ تعمير ڪرائڻ جو ڪم شروع ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *