لالي ووڊ فنڪار فواد خان جي گهر ڌيءَ جي پيدائش، مبارڪون وصول

لاهور (شوبز نيوز) لالي ووڊ فنڪار فواد خان جي گهر ڌيءَ جي پيدائش ٿي آهي، جنهن کانپوءِ هو ٻن ٻارن جو پيءُ بڻجي ويو آهي، فواد خان جي مئنيجر ان حوالي سان ٻڌايو آهي ته فواد خان جي گهر واري صدف خان اسپتال ۾ داخل هئي، جتي رات جو ان وٽ ڌيءَ جي پيدائش ٿي. فواد خان ۽ صدف خان 2005ع ۾ شادي ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ الله انهن کي پٽ عطا ڪيو، جنهن جي عمر 6 سال آهي، هاڻ انهن وٽ ڌيءَ جي پيدائش ٿي  آهي، اسپتال جي ذريعن جو چوڻ آهي ته صدف خان ۽ ٻارڙي جي حالت بهتر آهي، ڌيءَ جو پيءُ بنجڻ تي فواد خان  جي دوستن، مائٽن ۽ چاهيندڙن پاران مبارڪن جا پيغام وصول ٿي رهيا آهن، جيڪي ٻارڙي جي وڏي عمر لاءِ دعا ڪري رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *