لالي ووڊ اداڪارا فاطمه آفندي بالي ووڊ ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ رد ڪري ڇڏي

لاهور (شوبز نيوز) لالي ووڊ اداڪارا فاطمه آفندي بالي ووڊ ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ رد ڪري ڇڏي آهي. هن واضح ڪيو ته پاڻ اهڙو ڪم نه ٿي ڪري سگهي، جنهن سان پاڪستان ۽ سندس خاندان جو نالو خراب ٿئي، جڏهن ته کيس هڪ فلم ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ڪروڙ رپيا آڇيا ويا هئا. ميڊيائي رپورٽن موجب بالي ووڊ ڊائريڪٽر انيس بَزمي پنهنجي هڪ فلم ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ فاطمه آفندي کي فون ڪئي ۽ کيس فلم جي ڪهاڻي ۽ سندس ڪردار بابت ٻڌايو. پر فاطمه سندس ان آڇ کي رد ڪري ڇڏيو. فاطمه آفندي جو چوڻ هو ته کيس ڀارتي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ کان وڌيڪ سندس خاندان جي عزت جي حفاظت ضروري آهي. فاطمه آفندي موجب فلم ۽ ٽي وي جي شعبن ۾ ڪم ڪرڻ جو انداز ڪافي مختلف آهي. خاندان طرفان کيس ڪڏهن به شوبز ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ڪابه پاندي لاڳو ناهي. هن وڌيڪ چيو ته مون کي پنهنجي حدن جي خبر آهي. آءٌ شوبز ۾ ضرور آهيان، پر پنهنجي ڪردارن وانگر ويس وڳا پائڻ ۾ احتياط ڪندي آهيان، فلم ۾ به ڪم ڪرڻ چاهيان ٿي ۽ ان لاءِ آرٽ فلمن کي وڌيڪ ترجيح ڏينديس

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *