لائين آف ڪنٽرول تي جنگبندي واري معاهدي جي ڀڃڪڙي جا ڀارتي الزام رد

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان لائين آف ڪنٽرول تي جنگبندي جي ڀڃڪڙي ۽ بنا جواز فائرنگ جا ڀارتي الزام رد ڪري ڇڏيا، پرڏيهي ترجمان جو چوڻ آهي ته پاڪستان نه پر ڀارت لاڳيتو سيز فائر معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان تسنيم اسلم اسلام آباد ۾ هفتيوار ميڊيا بريفنگ ۾ چيو ته ڀارت طرفان ڪنٽرول لائين ۽ ورڪنگ بائونڊري تي جنگبندي جي ڀڃڪڙي ۽ بنا جواز فائرنگ جو ذميوار پاڪستان کي قرار ڏيڻ درست ناهي. هن چيو ته ڀارت لاڳيتو جنگبندي واري معاهدي جي ڀڃڪڙي رهيو آهي، پاڪستان ايل او سي تي فائرنگ شروع نه ڪئي ۽ ورڪنگ بائونڊري توڙي لائين آف ڪنٽرول تي رڳو جواب ڏئي رهيو آهي. تسنيم اسلم چيو ته عالمي برادري لائين آف ڪنٽرول جي صورتحال ڏسي رهي آهي جڏهن ته گڏيل قومن جو مبصر گروپ معاملي جي جاچ لاءِ موجود آهي ڀارت ان کي جاچ جي اجازت ڏئي. پرڏيهي ترجمان چيو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي وڪالت ڪندو رهندو ۽ ڪنٽرول لائين تي فائرنگ ڪري پاڪستان کي ڳالهين جي ميز تي نه ٿو آڻي سگهجي. واضح رهي ته ڀارت، ڪنٽرول لائين ۽ ورڪنگ بائونڊري تي اڻ اعلانيل جنگ شروع ڪئي آهي جڏهن ته ڪيترن ئي ڏينهن کان جاري ڀارتي اڳرائي جي نتيجي ۾ 13 پاڪستاني شهيد ۽ 50 کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *