لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي فوج جي بنا جواز فائرنگ ۽ بمباري، 2 عورتن سميت 4 ڄڻا زخمي

راولپنڊي/ مظفر آباد(اي پي پي)  آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي فوج جي بنا جواز فائرنگ ۽ بمباري سبب 2 عورتن سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا. اسسٽنٽ ڪمشنر  هجيره محمد شهباز ٻڌايو ته آچر تي صبح جو 7 وڳي ايل او سي تي ڀارتي فوج طرفان بنا جواز فائرنگ ۽ بمباري ڪئي وئي جيڪا ٻنپهرن تائين جاري رهي جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا عبدالمجيد، قادر، ساجده پروين ۽ شميم اختر زخمي ٿي پيا جن کي ڪوٽلي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ڀارت پاران لائين آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊري تي فائرنگ جو سلسلو آچر تي به جاري رهيو، ڀارتي فورسز لائين آف ڪنٽرول تي ڇتي فائرنگ ڪئي، پاڪ فوج جي جوابي ڪارروائي ۾ ڀارتي هٿيار خاموش ٿي ويا، آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي فورسز هڪ ڀيرو ٻيهر ضد جو مظاهرو ڪندي ڪونڇ بٽل سيڪٽر تي ڇتي فائرنگ ڪئي، مدارپور، سحر، گهر مثال ۽ ناتر جي علائقن ۾ فائرنگ ڪئي، ميڊيا رپورٽ موجب ڀارتي فورسز پاران سول آبادي کي نشانو بڻايو ويو جنهن سبب شهري گهرن ۾ بند رهيا، پاڪ فوج پاران جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويو جنهن سبب دشمن جا هٿيار خاموش ٿي ويا، ڀارتي اڳرائي جي نتيجي ۾ هن وقت تائين 10 کان وڌيڪ شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي چڪا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *