قيدي جيلن ۾ رهي حڪم هلائن ٿا، عدالتون تڪڙا فيصلا ڪن : وڏو وزير

لاڙڪاڻو(بيورو) سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه 27 ڊسمبر تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ستين ورسيءَ جي سلسلي ۾ ڪيل انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو پهتو، جتي هن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مزار آڏو ٿيندڙ جلسي جو جائزو ورتو ۽ اڳ ٺهيل اسٽيج جو معائنو ڪيو. جڏهن ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير جي مزارن تي حاضري ڀري. ان موقعي تي هن صحافين سان ڳالهائيندي چيوته بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زداري ۾ ڪي به اختلاف نه آهن. هن چيوته بلاول ڀٽو ۽ آصف زرداري شهيد بينظير ڀٽو جي ستين ورسيءَ ۾ شرڪت ڪندا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيوته امين فهيم جا پارٽي سان ڪيبه اختلاف نه آهن، وڏين پارٽين ۾ ننڍيون وڏيون ڳالهيون ٿينديون رهنديون آهن. هن چيوته پ پ پ جا جيڪي مخالف آهن اهي رڳو پارٽي خلاف واويلا ڪري رهيا آهن پر اهڙن هٿ ڪنڊن مان انهن کي ڪجھه به نه ورندو. جڏهن ته محترمه جي ورسيءَ تي سڪيورٽي جا خدشا آهن تنهن باوجود به جيالا ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان اچي شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري ورسيءَ جي تقريب ۾ شرڪت ڪندا. عدالتون ڀلي ڪهڙيون به هجن پر ڪيس جا فيصلا تڪڙا ڪيا وڃن. قيدي جيڪي جيلن ۾ رهي حڪم هلائن ٿا ۽ انسانيت جا دشمن آهن کين سزائون ملڻ گهرجن. جڏهن ته جلسي ۾ پ پ پ جا مرڪزي اڳواڻ پڻ شرڪت ڪندا ۽ مزار آڏو ايندڙ عوام لاءِ ڪيمپون پڻ لڳايون ويون آهن جن کي انهن اندر ترسايو ويندو. جڏهن ته مزار تي صحت کاتي پاران ميڊيڪل ڪيمپون پڻ قائم ڪيون ويون آهن. جڏهن ته وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ورسيءَ جي تيارين کي آخري شڪل ڏيڻ لاءِ ضلعي انتظاميا سان اجلاس پڻ ڪيو. ان موقعي تي ساڻس سنڌ اسيمبلي اسپيڪر آغا سراج دراني، ايم اين اي محمد اياز سومرو، پ پ پ ضلعي اطلاعات سيڪريٽري سليم سومرو،  خير محمد شيخ ۽ وڏي تعداد ۾ پ پ پ اڳواڻ پڻ گڏ هئا. جڏهن ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي تي ڪلچر ونگ پاران شاعري، مقالا پڻ پڙهيا ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *