قوم کي لاش قرار ڏيڻ تي عمران خان معافي وٺي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري اطلاعات ۽ سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته 18 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ ٿيندڙ جلسو هڪ تاريخي جلسو هوندو، جنهن ۾ پارٽي جو چيئرمين 18 آڪٽوبر سانحي ۽ پارٽي جي ايندڙ پروگرامن جي حوالي سان خطاب ڪندو. 18 آڪٽوبر وارو جلسو ڪجهه ماڻهن کي هضم ناهي ٿي رهيو. عمران خان کي هن ملڪ ۾ بدتميزي جو ڪنهن به لائسنس ناهي ڏنو. هن ٻه ڏينهن اڳ  هن جلسي شريڪ ٿيندڙ غريب عوام کي ٻڪريون ۽ لاشن جا لقب ڏنا آهن ان تي هو قوم کان معافي وٺي. جلسي ۾ لکن جي تعداد ۾ پيپلز پارٽي جا جيالا ۽ غيرتمند عوام شريڪ ٿيندو ۽ اهو هن ملڪ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو جلسو هوندو، جنهن لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع تي جلسي گاهه جي دوري جي موقعي تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جو سيڪريٽري جنرل نجمي عالم، پيپلز پارٽي ڪي پي ڪي جي صدر خانزاده خان، وقار مهدي، راشد رباني، آغا سردار، منظور عباس ۽ ٻيا به ساڻس گڏ هئا . شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ماهرن مطابق باغ جناح پاڪستان جو سڀ کان وڏو گرائونڊ آهي ۽ ان ۾ لکن جي تعداد ۾ عوام جي گنجائش موجود آهي. هن چيو ته پي پي ڪراچي ڊويزن جي تحت ان جلسي جون سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن ۽ ان جلسي ۾ شريڪ ٿيندڙ عوام کي سيڪيورٽي ۽ ٻين سمورين سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. هن چيو ته جلسي ۾ پوري ملڪ جو غريب عوام، پورهيت، مزدور، هاري، عورتون ۽ شاگردن جي وڏي انگ ۾ شرڪت متوقع آهي ۽ اسان کي خدشو آهي ته جلسي واري ڏينهن ڪراچي جا سمورا رستا ۽ گهوٽيون عوام جو سمنڊ نه بڻجي وڃن. هن چيو ته عوام پنهنجي ليڊر بلاول ڀٽو زرداري جو تاريخي خطاب ٻڌڻ لاءِ بيتاب آهي ۽ 18 آڪٽوبر تي بلاول ڀٽو زرداري 18 آڪٽوبر واري سانحي ۽ پارٽي جي ايندڙ پروگرامن جي حوالي سان خطاب ڪندو. شرجيل ميمڻ چيو ته ڪراچي جي جلسي جي تيارين مان ڪجهه سياسي جماعتن کي اهو جلسو هضم ٿيندو نظر نٿو اچي ۽ هو ان جلسي ۾ ايندڙن کي ٻڪريون ۽ رڍون ۽ زندهه لاش جهڙا لقب ڏيڻ ۾ لڳا پيا آهن. هن چيو ته تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان سياسي اڳواڻن سان بدتميزي کان پوءِ هاڻ هن ملڪ جي غريب ۽ پورهيت عوام کي جنهن انداز ۾ لقب ڏنا آهن اهي افسوس جوڳا آهن ۽ آئون مطالبو ڪريان ٿو ته عمران خان فوري طور تي پنهنجن لفظن تي عوام کان معافي گهري. شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته عمران خان کي سياستدانن جي توهين ڪرڻ جو اعزاز ته حاصل هو هاڻ کيس عوام جي توهين ڪرڻ جو به ڪريڊيٽ ملي ويو آهي. هن چيو ته غريب، پورهيتن، مزدورن، هارين ۽ شاگردن کي ٻڪريون ۽ رڍون ۽ زندهه لاش جهڙن لفظن جي استعمال سان ان جي سوچ جي ڀرپور عڪاسي ٿي وئي آهي ۽ عوام هاڻ ان جي بدتميزي کي ڪنهن صورت برداشت نه ڪندو. هڪ سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي هن ملڪ جي واحد سياسي جماعت آهي، جنهن عوام جي طاقت تي سياست ڪئي آهي ۽ جلسا ۽ جلوس ڪيا آهن. هن چيو ته اسان اڄ تائين نه ته ڪنهن جي اشاري تي ڊڪٽيشن تي ڪو جلسو ڪيو آهي ۽ نه ئي ڌرڻو هنيو آهي. هن چيو ته اسان جي جلسن ۽ جلوسن ۾ ڪوبه سرڪاري ملازم، پٽواري يا تپيدار ناهي بلڪ عوام جو سمنڊ هوندو آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي جو اهو ڪلچر ئي ناهي ته هو سرڪاري ملازمن يا ٻين کي جبري طور تي پنهنجي جلسن ۽ جلوسن ۾ آڻي. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جلسي جي تيارين ۾ سرڪاري مشينري جي استعمال جي خبرن ۾ ڪنهن قسم جي ڪابه صداقت ناهي. هن چيو ته ڪنهن به سياسي جماعت جو ڪراچي يا سنڌ ۾ ڪو جلسو ٿيندو آهي ته سنڌ حڪومت جي ذميواري هوندي آهي ته هو نه صرف انهن جلسن ۽ جلوسن کي مڪمل فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪري بلڪ موجود وسيلا به فراهم ڪري ۽ پي پي پي جي جلسي ۾ به سنڌ حڪومت پنهنجي ذميواري پوري ڪري رهي آهي. هن سيڪيورٽي جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته آئي جي سنڌ ۽ ايڊيشنل آئي جي ڪراچي پاران جلسي گاهه ۽ جلسي ۾ شريڪ ٿيندڙن کي فول پروف سڪيورٽي جي فراهمي لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن ۽ انشاءَالله ملڪ جي تاريخ جي  سڀ کان وڏي جلسي عام ۾ عوام کي ڪنهن به قسم جي تڪليف کي منهن ڏيڻو نه پوندو. بلاول ڀٽو ۽ خود ان حوالي سان ٿريٽس ۽ ان سلسلي ۾ وفاقي ۽ صوبائي گهرو کاتي کي ملندڙ خط جي سوال تي هن چيو ته موت ۽ زندگي الله جي هٿ ۾ آهي. هن چيو ته اسان جو ايمان آهي ته جيڪا رات قبر ۾ لکي آهي اها ايندي ۽ جيڪا زندگي هن دنيا ۾ جيئڻي آهي ان کي ڪير ختم نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته اسان ڪنهن خوف ۾ مبتلا ٿيندڙن جا پيروڪار ناهيون. اسان جو باني اڳواڻ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ اسانجي شهيد قائد محترمه بينظير ڀٽو ۽ پوري ڀٽي خاندان شهادتون حاصل ڪيون آهن ۽ هو ڪنهن به وقت خوف جو شڪار ناهي ٿي. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته 18 آڪٽوبر جو جلسو ڪنهن سياسي جماعت جي جلسي يا ڪنهن مڊٽرم چونڊن جي تياري ناهي بلڪ 18 آڪٽوبر جي سانحي جي حوالي سان هي جلسو ڪيو پيو وڃي. ان موقعي تي نجمي عالم ۽ ٻين پيپلز پارٽي جي اڳواڻن جلسي جي تيارين جي حوالي سان مڪمل آگاهي فراهم ڪئي جڏهن ته ڪي پي ڪي جي صوبائي صدر خانزاده خان ٻڌايو ته ڪراچي ۾ پختون آبادين ۾ ان جلسي کي وٺي وڏو جوش خروش جاري آهي ۽ انشاءَالله 18 آڪٽوبر جي جلسي ۾ پختون برادري جي هڪ وڏي تعداد شريڪ ٿيندي. ان موقعي تي صحافين پاران ڪراچي جي جلسي جي حوالي سان پيپلز پارٽي ۾ ڌڙابندي جي سوال تي نجمي عالم ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن چيو ته ڪراچي ۾ صرف هڪ ڏينهن اندر 27 جاين تي گذريل آچر تي جلسي جي تيارين جي حوالي سان جلسا منعقد ٿيا آهن ۽ اڄ به ڪراچي جي سمورن علائقن ۾ استقباليه ڪيمپون لڳل آهن جيڪا ان ڳالهه جو دليل آهي ته پي پي ۾ ڌڙابندين جون افواهون پکيڙيندڙن کي منهن سان لڳندي ۽ الحمدالله پيپلز پارٽي جو هڪ هڪ جيالو پنهنجي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ پارٽي قيادت تي مڪمل اعتماد ڪري ٿو. شرجيل ميمڻ ۽ ٻين اڳواڻن جلسي گاهه ۾ تيار ٿيندڙ اسٽيج ۽ ٻين ڪمن جو معائنو ڪيو ۽ اطمينان جو اظهار ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *