قوم پانامه ليڪس جي فيصلي جي منتظر آهي، صادق ۽ امين جي فيصلي تي عدالتن دير ڪئي آهي: نثار کهڙو

جيڪب آباد (اين اين آءِ) پ پ پ سنڌ جي صدر نثاراحمد کهڙو چيو آهي ته قوم پانامه ليڪس جي فيصلي جي منتظر آهي صادق ۽ امين جي فيصلي تي عدالتن دير ڪئي آهي قوم عدالتن مان اميد رکڻ گهٽ ڪري ڇڏي آهي پانامه ڪيس ۾ نوازشريف سچو نه رهيو آهي بدنيت وفاقي حڪومت غير شفاف آدمشماري ڪرائڻ چاهي ٿي گهرن ۽ ماڻهن جي ڳڻپ شفاف طريقي سان نه ڪئي ويئي ته نتيجا قبول نه ڪنداسين اهڙن خيالن جو اظهار هن جيڪب آباد ۾ پ پ پ لاڙڪاڻي ڊويزن جي اجلاس ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي اندر مير اعجاز جکراڻي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني امتياز شيخ مير گل محمد جکراڻي ۽ ٻين به خطاب ڪيو نثار کهڙي وڌيڪ چيو ته جنهن طريقي سان آدمشماري ٿي رهي آهي ان کي آخر ۾ ڪوبه تسليم نه ڪندو هن چيو ته اسان پنهنجي ڪارڪنن کي هدايت ڪئي ته هو آدمشماري مهم ۾ هر گهر ۽ هر ماڻهو کي ڳڻپ ۾ شامل ڪري. هن چيو ته سڄي قوم پانامه ليڪس جي فيصلي جي منتظر آهي هن چيو ته پ پ پ 4 اپريل تي شيهد ذوالفقارعلي ڀٽو جي ورسي ڀرپور طريقي سان ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ هڪ وڏي جلسي جي صورت ۾ ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن سان پارٽي قيادت ۽ چئني صوبن جا اڳواڻ خطاب ڪندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *