قوم ملڪ دشمن ڌُرين خلاف متحد آهي: سياسي ۽ عسڪري قيادت

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان سان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ملاقات ڪئي ۽ مختلف اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وزيراعظم جي آفيس مان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ٻڌايو ويو ته اسلام اباد ۾ عمران خان سان جنرل قمر جاويد باجوا ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪ فوج جا پيشاورانه معاملا ۽ داخلي ۽ خارجي سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويئي ملاقات دوران پاڪستان ۾ تشدد کي هوا ڏيڻ جي ڪوششن بابت وزيراعظم عمران خان زور ڏنو ته سڄي قوم دشمن جي بزدلاڻين ڪارروائين جي خلاف متحد آهي ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان وطن جي دفاع لاءِ قرباني ڏيندڙ پاڪ فوج، ايف سي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي جوانن کي خراج تحسين پيش ڪيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *