قوم مختلف چئلينجن کي ٻڌي ۽ جرئتمندي سان منهن ڏئي رهي آهي: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي جي وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته قوم مختلف چئلينجن کي ٻڌي ۽ جرئتمندي سان منهن ڏئي رهي آهي جيڪا دهشتگردي جي لعنت کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب رهندي. ڪالهه اربع ڏينهن هتي دنيا جي ناليواري ڪئميرا ٺاهيندڙ ڪمپنين جي آئوٽ لٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان جلد هڪ پرامن محفوظ ملڪ بڻجي ويندو ۽ درپيش چئلينجن تي ضابطو آڻيندي 2015ع ۾ وڌيڪ مضبوط ملڪ جي حيثيت سان اڀرندو. هن چيو ته مارچ ۾ قطر کان گئس جي درآمد شروع ٿي ويندي جنهن سان گئس جي کوٽ تي وڏي حد تائين ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته گذريل 45 سالن دوران پاڻي جو ڪو وڏو ڊيم تعمير ناهي ڪيو ويو تنهن هوندي به موجوده حڪومت هائيڊرو پاور پراجيڪٽس جي تعمير لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته نيلم جهلم هائيڊرو پاور پراجيڪٽ ايندڙ سال مڪمل ٿي ويندو ۽ قومي گرڊ ۾ 960 ميگاواٽ بجلي شامل ڪئي ويندي جڏهن ته ديامير ڀاشا ڊيم ۽ داسو ڊيمن تي به ڪم جاري آهي. هن چيو ته چنيوٽ ۾ سون، ٽامي ۽ لوهه جا ذخيرا ملڻ سان ثابت ٿيو آهي ته پاڪستان ۾ وڏا قدرتي وسيلا آهن. هن چيو ته پنجاب جي وڏي وزير جي اڻٿڪ ڪوششن جي نتيجي ۾ معدنيات ملي آهي. سيلولر ٽيليفون ٽيڪنالاجي ترقي جو ذڪر ڪندي هن چيو ته هاڻي هڪ موبائيل فون، ڪئميرا، گهڙي، انٽرنيٽ ۽ ڪيلڪيوليٽر جي سهولت فراهم ڪري سگهي ٿو. ڪئميرا ٺاهيندڙ ڪمپنين کي پنهنجي پراڊڪٽس جي نمايان رخن جي مقابلي لاءِ سخت محنت ڪرڻي پوندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *