قوم متحد هوندي ته دهشتگردي خلاف جنگ کٽي وينداسين: چوڌري نثار

اسلام آباد (بيورو) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته فوجي عدالتون جنگ واري حالت ۾ ٺهنديون آهن ۽ اسان اهڙي جنگ حالت ۾ آهيون جنهن ۾ ٻي ڌر هر لحاظ کان بالاتر آهي، اسان جي فوج اسلامي، آئيني ۽ قانوني حدن جي پابندي آهي ڪنهن کي مارڻ مقصود هجي ها ته فوج پهريائين انهن جو ڪم تمام ڪري چڪي هجي ها، فوجي عدالتون ڪينگرو ڪورٽس نه هونديون جو جيڪو ويو ان کي ٽنگيو وڃي، اسان اصولن تي هلڻ جي ڳري قيمت ادا ڪئي، قومي قيادت جنيوا ڪنويشن ۽ انساني حقن تي مڪمل يقين رکي ٿي جيڪو ڪنهن قسم جي دهشتگردي ۾ ملوث نه آهي ان کي دڄڻ جي ضرورت نه آهي. فوجي عدالتن ۾ ڪيس موڪلڻ کان اڳ وفاقي ڪيسن کي سخت ڇنڊ ڇاڻ مان گذاريندو، دهشتگردن کي صفائي جو موقعو ملندو، مدرسن کي مدرسا طور ٽارگيٽ نه ڪنداسين، قوم متحد هوندي ته هر صورت ۾ هيءَ جنگ کٽينداس ين، جنهن ملڪ جي سياسي قيادت سمورن تلخين کي هڪ پاسي تي رکي مستقبل لاءِ گڏ ٿي وڃي دنيا جا ڪا طاقت ان کي شڪست نٿي ڏئي سگهي، دهشتگردن جي موقف سان ڪو به متفق نه آهي، اسان جو رستو حق ۽ دهشتگردن کي آخري انجام تائين پهچائڻ جو آهي، قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته ايوان ۾ ايڪهين ترميم تي بحث ٿيندو، هيءَ هڪ اهڙي آئيني ترميم آهي جيڪا ظاهر ۾ پارلياماني نظام سان ٽڪراءُ آهي، ڪجهه سال اڳ ئي وهم ۽ غمان ۾ به نه هيو ته فوجي عدالتن لاءِ قانونسازي ٿيندي پر آئيني ترميم ذريعي ان کي قانون جو حصو بڻايو ويندو، فوجي عدالتون جمهوري نظام حڪومت ۾ جتي عدالتون ڪم ڪري رهيون هجن اتي فوجي عدالتن تي سمورين جماعتن جو متفق ٿيڻ ۽ قانونسازي ڪرڻ هڪ اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي، هن چيو ته ملڪ ۾ غير معمولي صورتحال آهي، عوام ادارا، قيادت، اپوزيشن، ٻچو ٻچو جنگ جي صورتحال جو شڪار آهي، فوجي عدالتون جنگ ۽ عدل جي دوران يا جنگ کانپوءِ ٺاهيون وينديون آهن، نائين اليون کان پوءِ آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ به ملٽري ٽربيونل جوڙيو ويو، هن چيو ته هيءَ غير معمولي جنگ آهي، اسان جي فوج آئيني حدن مطابق جنگ وڙهي رهي آهي، ٻئي پاسي دهشتگرد حدن کان بالاتر آهن انهن آڏو جنيوا ڪنوينشن نه آهي، هي ٻارڙن، عورتن، مسجدن ۽ درسگاهن کي نشانو بڻائين ٿا، جڏهن دهشتگردي جو حملو ٿئي ٿو ته ان ۾ 60 کان 70 ماڻهو شهيد ٿين ٿا ته وري انهن جي جنازي تي به حملو ڪيو وڃي ٿو، ٻئي طرفان ڪا انساني حد نه آهي، جڏهن 2 قوتون عسڪري طور تي پاڻ ۾ ٽڪرائين ته بي گناهه شهري به نشانو بڻجن ٿا، اسان جي اسلامي فوج حدن ۾ رهي وڙهي رهي آهي، ٻئي پاسي کان سمورين حدن کي هڪ پاسي رکي ملڪ جو جيڪو حشر ڪيو ويو آهي ان جو مثال نٿو ملي، هن ٻڌايو ته خودڪشن ڌماڪن ۽ دهشتگردي ۾ 40 هزار کان وڌيڪ بي گناهه شهري شهيد ٿي چڪا آهن، انهن جو ڏوهه صرف اهو آهي ته اهي ڪنهن دهشتگرد آڏو ناهن جهڪيا، هن ٻڌايو ته ميران شاهه ۾ ايترو بارود پڪڙيو ويو جو جيڪڏهن روزانو هڪ ڌماڪو ٿئي ها ته 15 سالن تائين ڪافي هو، اسان چاهيون ها ته ميران شاهه کي تباهه ڪري ڇڏيون ها پر عورتن ۽ ٻارڙن جو خاص خيال رکيو ويو، هن چيو ته اڄ فوج انٽيليجنس ۽ حڪومت تي الزام لڳي ٿو ته آپريشن ٿئي ٿو پر دهشتگرد ڀڄي وڃن ٿا، اسان اصولن مطابق هلڻ جي ڳري قيمت ادا ڪئي، هن چيو ته فوجي عدالتون محدود وقت ۽ غير معمولي حالتن لاءِ آهن، فوجي عدالتون عام شهرين لاءِ نه سياستدان، بزنس مين، ميڊيا پرسن ۽ سوسائٽي ماڻهن جو ٽرائيل انهن عدالتن ۾ ٿيندو، هن چيو ته سموري قيادت جو اتفاق هيو ته جيڪو به حل ڪڍيو وڃي اهو آئين مطابق هجي، گذريل حڪومت جي آخر ۾ فيئر ٽرائيل ايڪٽ ۽ اسان جي حڪومت دوران تحفظ پاڪستاني ايڪٽ تي اتفاق ٿيو، هي سموري قانونسازي ڪم ڇو نه آئي ڪنهنجي غلطي هئي، ان تي بحث نٿا ڪرڻ چاهيون، ڪوشش هئي ته گذريل 14 سالن کان موجوده عدالتي نظام ڪو طريقو ڪڍيو وڃي ته دهشتگردن جو سڀ کان تيز عدالتي ٽرائيل ٿئي پر افغانستان مان هڪ فوج اچي ٿي جنهن ۾ جج پوليس آفيسر کي چيو وڃي ٿو ته اسان کي خبر آهي ته توهان جو پٽ يا نياڻي ڪٿي پڙهن ٿا  توهان جي زال ڪهڙي بازار ۾ ويندي آهي، ان صورتحال ۾ ڪهڙو بهادر شخص هوندو جنهن کي اهو احساس نه ٿئي ته ان جي خاندان کي خطرو آهي، اولاد لاءِ وڏي کان وڏو شخص ڪمزور ٿي وڃي، روايت بڻجي وئي هئي ته هڪ پاسي ٽرائيل ٿيندو هو ته ٻئي پاسي ڌمڪيون ملڻ شروع ٿي وينديون هيون، هن چيو ته فوجي عدالتن ۾ جيڪي جج هوندا اهي پاڪستاني آهن، ڪنهن جج کي ڪو به خوف نه ٿئي، ان کي الله جو خوف هجڻ گهرجي، هيءَ پرڏيهي فوج نه آهي ڪنهن عام شهري کي ڳڻتي ڪرڻ جي ضرورت نه آهي، پهريان وفاقي حڪومت ڪيس جي چڱي ريت ڇنڊ ڇاڻ ڪندي ۽ پوءِ ان کي فوجي عدالت ۾ موڪليندي، اسان کي به قبر ۾ هلڻو آهي، هن ٻڌايو ته شفقت حسين جو ڪيس روڪيو ويو آهي ان تي انڪوائري ٿي رهي آهي، هن ايوان کي يقين ڏيارو ته سڀ ڪيس جاچ ۽ ڇنڊ ڇاڻ مان گذرندا، دهشتگردن کي صفائي جو موقعو ڏنو ويندو، سمري آف ايويڊنس پيش ڪئي ويندي، وڪيل هوندا، فوجي عدالتن ۾ صرف انهن جا ڪيس هوندا جيڪي پاڪستان ۾ رت جا راند کيڏڻ گهرن ٿا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *