قوم متحد آهي، دهشتگرديءَ کي پاڙ کان پٽي ڇڏينداسين: ناصر شاهه

ڪراچي(م.ڊ)  سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ اپردير ۾ شهيد فوجي جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته وطن لاءِ پاڪ فوج جون قربانيون ناقابل فراموش آهن. هن اپردير آپريشن جي شهيدن ميجر علي سلمان ۽ انهن جي ساٿين پاران دهشتگردن سان وڙهندي جام شهادت نوش ڪري قوم جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪيو آهي، دهشتگردن خلاف سينا سپر ٿي هميشه پاڪ فوج هراول دستي جو ڪردار ادا ڪيو آهي. هن شهيدن جي پوئنرن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي انهن کي صبر جميل عطا ڪرڻ لاءِ الله پاڪ کان دعا ڪئي آهي، هن وڌيڪ چيو ته انهن جون قربانيون رائيگان نه وينديون، دهشتگرديءَ کي پاڙ کان پٽي ڇڏينداسين، قوم متحد آهي ۽ اهڙي مڪروھ ڪارروائين جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا. سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ پاڪستان ايسوسي ايشن آف پريس فوٽو گرافرز جي نئين چونڊيل ڪابينا کي مبارڪون ڏنيون آهن، اڄ پنهجي جاري ڪيل بيان ۾ صوبائي وزير نئين چونڊيل عهديدارن صدر عرفان علي، نائب صدر ابوالحسن، جنرل سيڪريٽري سيد حامد حسين، خزانچي آصف حسن، جوائينٽ سيڪريٽري عمران علي، گورننگ باڊي جي ميمبرن سيد مسرور عابدي، قيصر خان، آصف راٺور، ايمن سيموئيل ۽ عمران گيلاني لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *