قوم جا اربين رپيا ڦر ڪندڙن کي به عدالتن ۾ آندو وڃي: قادر پٽيل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) عبدالقادر پٽيل چيو آهي ته پارٽي ۾ سندس ڪو به عهدو نه آهي، کيس هٽايو ويو هو.  عدالت ۾ پيش ٿي هن محب وطني جو مثال قائم ڪيو آهي.ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ٿيڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي عبدالقادر پٽيل چيو ته ماڻهو پڇي رهيا آهن ته پانامه ليڪس وارن کان به پڇاڻو ڪيو ويندو؟هن چيو ته قوم جا اربين رپيا ڦر ڪندڙن کي به عدالتن ۾ آندو وڃي.عبدالقادر پٽيل چيو ته هو ست سمنڊ پار کان واپس آيو آهي، جاچ ۾ به مڪمل سهڪار ڪري پيو.سندس چوڻ هو ته کيس رينجرز گهرايو، اتي به ويو، هو عدالت ۾ به پيش ٿيو آهي.عبدالقادر پٽيل چيو ته پاڪستان واپس اچي هن محب وطن شهري هجڻ جو ثبوت ڏنو، پاڻ کان ٿيل جاچ بابت هو ڪجهه به نه ٿو ٻڌائي سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *