قوم اهو نه سوچي ته سڄي ملڪ کي 17 جج بهتر بڻائي ڇڏيندا: جسٽس امير هاني مسلم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ پاڪستان ڏهاڙي جي حوالي سان رٿيل تقريب ۾ جسٽس امري هاني مسلم جو چوڻ هو ته پوري قوم کي ذميداري نڀائڻي پوندي،قوم اهو نه سوچي ته سڄي ملڪ کي 17 جج ٺيڪ ڪري ڇڏيندا.شهيد ذوالفقار علي ڀٽو لا ء يونيورٽي ۾ پاڪستان ڏيهاڙي جي موقعي تي رٿيل تقريب ۾ جس ٽس امير هاني خاص مهمان طور شامل ٿيو.خطاب دوران سندس چوڻ هو ته ملڪ جي ترقي لاءِ پاڻ کي بهتر ڪرڻو هوندو اسان چاهيون ٿا ته پاڻ بهتر نه ٿيون پر معاملا ٺيڪ ٿي وڃن.17 جج ملڪ کي نه ٿا سڌاري سگهن،جيڪڏهن اهو سوچيو ٿو وڃي ته اها وڏي بيوقوفي هوندي.تقريب کي خطاب دوران سندس چوڻ هو ته اسانجي سڀ کان وڏي ڪمزوري تعليم جو معيار خراب هجڻ آهي،شهرين کي انصاف عدالت ۾ نه پر هر جاءِ تي ملڻ گهرجي.003

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *