قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي سيڪيورٽي جو جائزو وٺڻ لاءِ پاڪستاني وفد ڀارت  پهچي ويو

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) وزيراعظم نوازشريف جي خاص هدايتن تي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي سيڪيورٽي جو جائزو وٺڻ لاءِ پاڪستاني وفد ڀارت  پهچي ويو.رپورٽ مطابق پاڪستان ڀارت ۾ ٿيندڙ  ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ قومي ٽيم جي شموليت کي سيڪيورٽي سان مشروط ڪيوهو ۽ سيڪيورٽي ٽيم کي ويزاملڻ کانپوءِ وفد اڄ سيڪيورٽي جو جائزو وٺڻ لاءِ ڀارت پهچي ويو آهي.ذريعن مطابق پاڪستاني وفد هماچل پرديش جي وڏي وزير  ۽ پوليس سربراهه سان ملاقاتون ڪري ڀارت ۾ سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو وٺڻ کانپوءِ رپورٽ وزيراعظم نوازشريف کي پيش ڪندا،جنهن جي روشني ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم کي ڀارت موڪلڻ يا نه موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *