قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪوچ ملڪي هوندو يا پرڏيهي،اڃا ڪو فيصلو ناهي ٿيو: شهريار خان

لاهور (اسپورٽس نيوز) پي سي بي چيئرمين شهريار خان  چيو آهي ته قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪوچ ملڪي هوندو يا پرڏيهي ان حوالي سان هن وقت تائين ڪو فيصلو ناهي ڪيو ويو، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي سالياني اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي شهريار خان جو چوڻ هو ته هن وقت تائين قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچ جي حوالي سان ڪو  فيصلو ناهي ڪيو ته ڪوچ ملڪي هوندو يا پرڏيهي، جڏهن ته معين خان، محسن خان  ۽ عاقب جاويد سوڌو سمورن اميدوارن لاءِ دروازا کليل آهن، هن چيو  ته قومي سليڪشن ڪاميٽي  جو اعلان ايندڙ هڪ ٻن ڏينهن ۾ ڪيو ويندو، جڏهن ته قومي ٽيم جي انگلينڊ جي دوري لاءِ عارضي ڪوچ به کڻي سگهجي ٿو، شهريار خان جو چوڻ هو ته محمد حفيظ جي بالنگ ايڪشن جو بائيو ميٽرڪ 8 جولاءِ تي ڀارت جي شهر چنئي ۾ ٿيندو، هن چيو ته ملڪ ۾ 8 سالن کا پوءِ بائيو مڪنيڪ ليب ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي، ان لاءِ محمد حفيظ چنئي وڃڻ کان پهرين پنهنجو بالنگ ايڪشن هتي به چيڪ ڪرائي ته ان لاءِ ڪافي سولايون ٿي وينديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *