قومي ڪرڪيٽر شاهد آفريدي زلزلي جي متاثرين لاءِ 50 لک رپيا امداد ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

پشاور (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽر شاه آفريدي زلزلي جي متاثرين لاءِ 50 لک رپيا امداد ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي تفصيل مطابق شاهد آفريدي پشاور جي ليڊي ريڊنگ اسپتال جو دورو ڪيو ۽ زخمين جي عيادت ڪئي ان موقعي تي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسپتال اندر انتظام بهتر آهن ۽ مريضن جو مڪمل خيال ڪيو پيو وڃي گهني تعداد ۾ مريضن کي آندو پيو وڃي جن کي طبي امداد ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي هن شاهد آفريدي فائونديشن پاران 50 لک رپيا امداد جو اعلان ڪندي قوم کي اپيل ڪئي ته گذريل ڏينهن آيل زلزلي ملڪي تاريخ جو سڀ کان بدترين زلزلو آهي متاثرين جي بحالي لاءِ سڄي ملڪ مان ماڻهو خيبرپختونخواهه اچن ۽ امدادي ڪمن ۾ حصو وٺن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *