قومي ڊس ايبلڊ ٽيم هلندڙ مهيني 5 ملڪي ون ڊي ڪرڪيٽ چيمپيئن شپ ۾ شامل ٿيندي

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) قومي ڊس ايبلڊ ٽيم هلندڙ مهيني پنج ملڪي ون ڊي ڪرڪيٽ چيمپيئن شپ ۾ شرڪت ڪندي. ايونٽ 18 کان 25 آڪٽوبر تائين دبئي ۾ کيڏيو ويندو. پاڪستان ڊس ايبلڊ ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن سيڪريٽري امير الدين انصاري اي عملي سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته انٽر نيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل اڪيڊمي چيمپيئن شپ ڪوٺائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جنهن جو مقصد ڪنهن جسماني معذوري جو شڪار رانديگرن جي حوصلا افزائي ڪرڻ آهي. هن ٻڌايو ته چيمپيئن شپ جي تياري جي سلسلي ۾ قومي رانديگرن جو تربيتي ڪيمپ ڪراچي ۾ جاري آهي ۽ حتمي ٽيم جو اعلان ٻن يا ٽن ڏينهن ۾ ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *