قومي ٽيم ۾ نوجوان رانديگر هجڻ باوجود ڪارڪرگي نه ڏيکارڻ تي مايوسي ٿئي ٿي: محمد وسيم

 

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) اڳوڻي فاسٽ بالر محمد وسيم چيو آهي ته مايوسي ٿيندي آهي جڏهن اوهان جي قومي ٽيم ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهي.اڳوڻي فاسٽ بالر محمد وسيم چيو ته ٽيم کي ٿورو وقت  ڏيڻو پوندو. اسان جي ٽيم ۾ نوجوان رانديگر موجود آهن. آسٽريليا ۾ ماضي ۾ به اسان جو رڪارڊ سٺو ناهي رهيو.پاڪستان جي ٽيم ۾ ڪجهه اهڙا به ڪپتان بڻيا آهن جن جي باري ۾ لڳندو هو ته انهن کي مجبوري ۾ ڪپتان بنايو ويو آهي. ٽيم ۾ تجربي جي کوٽ آهي ۽ ان سان گڏوگڏ فاسٽ بالرن جي به کوٽ آهي.ڊوميسٽڪ ليول ۾ ڪپتان تيار ڪرڻا پوندا. محمد وسيم چيو ته پاڪستان ۾ انٽرنينشل ڪرڪيٽ واپس اچڻ خوشي جوڳو قدم آهي. هيڊ ڪوچ ۽ بالنگ ڪوچ کي موقعو ڏيڻ گهرجي.هڪ سيريز تي فيصلو  ڪرڻ سٺو عمل ناهي. اسان وٽ بيٽنگ، بالنگ، ڪوچز سميت ڪنهن جو به بيڪ اپ موجود ناهي. هن وڌيڪ چيو ته سرفراز احمد ۽ اظهر علي جي برابري  ڪرڻ سٺو عمل ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *