قومي ٽيم کي حڪومت پاران ڀارت ۾ ٽي ٽوئنٽي ڪپ کيڏڻ جي اجازت ناهي ملي:شهريار خان

لاهور:پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شهريار خان چيو آهي ته قومي ٽيم کي حڪومت پاران ڀارت ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کيڏڻ جي اجازت اڃان تائين ناهي ملي.ميڊيا سان ڳالهائيندي شهريار خان جو چوڻ هو ته پاڪستان جي ٽيم کي ڀارت ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کيڏڻ جي اجازت اڃان تائين ناهي ملي.جڏهن انهيءَ سلسلي م وزيراعظم سيڪريٽريٽ سان رابطو ڪيو آهي،پراڃان تائين جواب ناهي مليو،پي سي بي کي وزيراعظم جي جواب جو انتظار آهي.شهريار خان جو چوڻ هو ته پاڪستان سپر ليگ جي فائنل ميچ وزيراعظم نه ڏسي سگهندو،جڏهن ته وزيراعظم هائوس پاران معذرت ڪئي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *