قومي ٽيم جي بالنگ ڪوچ وقار يونس منهنجي تمام گهڻي مدد ڪئي: حارث رئوف

 

لاهور(اسپورٽس نيوز)  بگ بيش ليگ ۾ دهوم مچائيندڙ پاڪستاني پيسر جو چوڻ آهي ته ٽنهي فارميٽس ۾ ملڪ جي نمائندگي ڪرڻ جو خواهشمند آهيان قومي ٽيم جي بالنگ ڪوچ وقار يونس جي فون منهنجو حوصلو  وڌائي ڇڏيو آهي. آسٽريليا ۾ 2 سال کيڏڻ سان ڪنڊيشن کي سمجهڻ ۽ ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ مدد ملي.تفصيل موجب پاڪستان ڪرڪيٽ جي سڀني کان وڏي ويب سائيٽ www.cricketpakistan.com.pk جي پروگرام(ڪرڪيٽ ڪارنر ود سليم خالق) ۾ ڳالهائيندي حارث رئوف چيو ته اهو تاثر غلط آهي ته منهنجو ڌيان صرف ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ تي آهي.مان ون ڊي ميچن ۾ به ڪارڪردگي ڏيکاري. فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ ڊگها اسپيل به ڪيا. صرف ٽي ٽوئنٽي بالر هجڻ جو ٽائٽل درست ناهي. مان ٽنهي فارميٽن ۾ ملڪ جي نمائندگي ڪرڻ چاهيان ٿو. هن چيو ته لاهور قلندر مون کي آسٽريليا موڪليو، اتي کيڏڻ جو تجربو 2 سالن کان پوءِ بگ بيش ۾ ڪم آيو. ڪنڊيشن جو علم هجڻ سبب مان بهتر ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ ڪامياب رهيس. ياد رهي ته حارث رئوف جو وڪيٽ وٺڻ جي جشن وارو انداز شوقينن کي سٺو نه لڳو هو خاص طور تي سوشل ميڊيا تي ڀارتين ان کي سخت تنقيد جو نشانو بنايو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *