قومي ٽيم ايشين سڪس ريڊ اينڊ ٽيم ايونٽ سنوڪر چيمپين شپ ۾ شرڪت لاءِ اڄ ابوظهبي رواني ٿيندي

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) 6 رڪني اسنوڪر ٽيم ايشين سڪس ريد اينڊ ٽيم ايونٽ اسنوڪر چيمپين شپ ۾ شرڪت لاءِ (اڄ) اڱاري واري ڏينهن ابوظهبي رواني ٿيندي، پاڪستان بليئرڊ اينڊ اسنوڪر ايسوسي ايشن (پي بي ايس اي) جي صدر عالمگير شيخ مطابق چيمپين شپ 18 کان 26 مئي تائين ابوظهبي ۾ کيڏي ويندي، جنهن ۾ 4  رانديگر ۽ 2 آفيشلز ويندا، رانديگرن ۾ بابر مسيح، محمد بلال، اسجد اقبال ۽ محمد آصف شامل آهن، جڏهن ته آفيشلز ۾ نويد ڪباڙيا ۽ شبير حسين بطور ريفريز ٽيم سان گڏ هوندا، هن چيو ته ايونٽ جي تياري لاءِ قومي رانديگرن جي تربيتي ڪيمپ ڪراچي ۾ جاري آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *