قومي وسيلا رڳو ڪجهه خاندانن تي خرچ ڪيا پيا وڃن:سراج الحق

لاهور (بيورو) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته حڪمران ووٽ وٺڻ بعد عوام کي وساري ويهن ٿا، قومي وسيلا رڳو ڪجهه خاندانن تي خرچ ڪيا پيا وڃن. لاهور ۾ جماعت اسلامي جي مرڪز منصورا ۾ پارٽي جي مجلس شوريٰ جي اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته هنن اسٽيٽس ڪو خلاف منظم جدوجهد ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، ڪينٽونمينٽ بورڊز ۾ ٿيل مڪاني چونڊن ۾ سندن پارٽي بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري آهي. هن چيو ته ترڪي ۽ پاڪستان کي يمن معاملي تي ٽياڪڙي ڪرڻ گهرجي،سعودي عرب تڪرار کي يمن ۾ ئي دفن ڪري بهتر ٿيندو. سندس چوڻ هو ته نوجوان ملڪ جو مستقبل روشن ڪرڻ لاءِ ووٽ جو صحيح استعمال ڪن. سراج الحق چيو ته هو نوجوانن جو مستقبل روشن بڻائڻ چاهين ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *