قومي معاملن تي سمورين پارٽين کي اعتماد ۾ ورتو ويندو: نواز شريف

اسلام آباد/لاهور (م.ڊ) مسلم ليگ فنڪشنل جي وفد، وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪري ڪراچي آپريشن جي حمايت ڪئي آهي، وزيراعظم چيو آهي ته قومي اهميت وارن معاملن ۾  سڀني سياسي پارٽين کي اعتماد ۾ ورتو ويندو. لاهور ۾وزيراعظم نواز شريف سان پيرپاڳاري جي اڳواڻيءَ ۾ مسلم ليگ فنڪشنل جي وفد ملاقات ڪئي، جنهن دوران پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف ۽ وفاقي وزير صدر الدين راشدي به موجود هئا. ملاقات دوران وفاقي حڪومت پاران سنڌ ۾ امن امان لاءِ کنيل قدمن سميت ملڪ جي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي مسلم ليگ فنڪشنل جي وفد ڪراچي آپريشن جي حمايت ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ امن تائين ڏوهارين ۽ انهن جي ٺڪاڻن جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهڻ گهرجي. وزيراعظم نواز شريف چيو ته حڪومت قومي اهميت وارن معاملن تي سڀني کي گڏ کڻ هلڻ چاهي ٿي. وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات دوران چيني ڪمپني گيز هوبا نيلم جهلم منصوبي ۾ سيڙپڪاري تي دلچپسي ظاهر ڪري ڇڏي آهي، وزيراعظم چيو آهي ته پرڏيهي سيڙپڪارن جي حوصلا افزائي لاءِ بهتر پاليسيون جوڙيون آهن، توانائي بحران جي خاتمي لاءِ به قدم کنيا پيا وڃن. وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾وزيراعظم نواز شريف سان چيني ڪمپني گيزوبا جي وفد فنانشنل آفيسر لـِين  زوياڊن جي اڳواڻي ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران چيني ڪمپني جي وفد پاران شمسي توانائي، ايل اين جي ۽ شمسي توانائي مان بجلي پيدا ڪرڻ واري منصوبن تي دلچپسي ظاهر ڪئي وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته حڪومت توانائي بحران جي خاتمي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، توانائي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ جو وقت مقرر ڪيو ويو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين مثالي دوست آهن، ٻنهي ملڪن ۾ اقتصادي سهڪار سان لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. وزيراعظم چيو ته حڪومت پرڏيهي سيڙپڪارن جي حوصلا افزائي لاءِ بهتر پاليسيون جوڙيون آهن، سيڙپڪاري ڪندڙن کي هر ممڪن سهڪار فراهم ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *