قومي قيادت فوجي عدالت جي قيام لاءِ آئين ۽ فوجي ايڪٽ ۾ ترميم تي اتفاق ڪري ورتو

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم جي صدارت ۾ پارليماني اڳواڻن جي اجلاس ۾ فوجي عدالتن جي قيام تي آئيني ترميم ۾ اتفاق ٿي ويو آهي. ذريعن موجب ترميمي بل جومسودو اڄ منظوري لاءِقومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو، تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان به قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ واضح اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. دهشتگردي جي خاتمي لاءِ قومي ايڪشن پلان تي حتمي مشاورت لاءِ ملڪ جي سياسي ۽ عسڪري قيادت جي  اهم گڏجاڻي ٿي. وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ جاري آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري، پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان، جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان، جماعت اسلامي جو امير سراج الحق، محمود خان اچڪزئي، غلام احمد بلور، آفتاب شيرپائو، ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ سمورين پارٽين جا ٻيا اڳواڻ به شريڪ ٿيا.  آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف، ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر، ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل عاصمه باوجوه به شريڪ ٿيا. آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ جڙيل ايڪشن پلان تي حتمي مشاورت ۽ خاص عدالتن جي قيام جي حوالي سان بحث ڪيو ويو. آرمي چيف جنرل راحيل شريف دهشتگردي خلاف جاري آپريشنز سميت ملڪ جي سڪيورٽي صورتحال تي اي پي سي کي آگاهه ڪيو، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد ۾ اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني. اٽارني جنرل طرفان خصوصي عدالتن جي قيام جي حوالي سان قانون رخن بابت بريفنگ ڏني. سياسي جماعتن جي سربراهن ۽ اڳواڻن خصوصي عدالتن جي قيام سميت قومي ايڪشن پلان جي حوالي سان مختلف تجويزون پيش ڪيون، جن تي بحث ۽ مشاورت ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *