قومي صحت اسڪيم ۾ پ پ ۽ ن ليگ هڪ صف ۾ آهن: وزير اعظم

مظفر آباد (م.ڊ) وزيراعظم نواز شريف آزاد ڪشمير ۾ قومي صحت پروگرام جو افتتاح ڪري ڇڏيو، مظفر آباد ۾ ٿيل افتتاحي تقريب  کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته قومي صحت اسڪيم ۾ پ پ ۽ ن ليگ هڪ صف ۾ آهن، قومي صحت پروگرام جي شروعات مسلم ليگ (ن) جي منشور جو حصو آهي، هن قومي صحت پاليسي کي حڪومت لاءِ وڏو اعزاز ڪوٺيندي چيو ته اسان وڏي عرصي کان ان منشور تي ڪم ڪري رهيا هئاسين، سندس چوڻ هو ته غربت سبب بيمار ماڻهو 10-10 سالن تائين علاج نه ٿا ڪرائي سگهن، ايستائين جو اسان جي معاشري ۾ ماڻهن کي علاج ڪرائڻ لاءِ پنهنجي ملڪيت ۽ ڳهه ڳٺا به وڪڻڻا پون ٿا، وزيراعظم چيو ته الله پاڪ اسانکي توفيق ڏئي جو اسان عوام جي خدمت ڪري سگهون،حڪومت غريبن کي عزت ڀرئي طريقي سان صحت جون سهولتون ڏيڻ لاءِ ڪوششون وٺي رهي آهي، نواز شريف ملڪ مان بيماري، غربت، جهالت ۽ بيروزگاري جي خاتمي جو عزم پڻ ورجايو، تقريب ۾ آزاد ڪشمير جو وزيراعظم چوڌري عبدالمجيد، صدر سردار محمد يعقوب خان،صحت واري ملڪتي وزير سائره افضل تارڙ، مريم نواز ۽ ٻيون حڪومتي شخصيتون پڻ موجود هيون،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *