قومي سلامتي سميت سمورن اهم رياستي ادارن جو تحفظ اسان جي ذميواري آهي: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم جي سڌ سماءَ بابت مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته قومي سلامتي سميت سمورن اهم رياستي ادارن جو تحفظ اسان جي ذميواري آهي، حڪومت سان گڏ اپوزيشن به قومي سلامتي جي ايتري ضامن آهي، اميد آهي ته پارليامينٽ اتفاق سان آئيني مسئلي جو مستقل حل ڪيو ويندو، هو خميس تي براق هائيٽيڪ سروسز جاري ٿيڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي، هن چيو ته قومي سلامتي جي ادارن جي حوالي سان اسان سڀني جو ڪردار ذميواراڻو هئڻ گهرجي، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان پنهنجا ايگزيڪيوٽو اختيار هجڻ جي باوجود انهن ٻن اهم قومي اشوز جي حل لاءِ پارليامينٽ سان رابطو ڪيو آهي، اپوزيشن به قومي سلامتي ۽ قومي مفادن جون به ايتري ضامن آهي جيتري حڪومت ضامن آهي، هن چيو ته قومي سلامتي جي اشوز کي سياست کان پاڪ هئڻ گهرجي، انهن اشوز کي سياست جي ور چاڙهڻ جي روايت ختم ٿيڻ گهرجي، قومي ۽ عسڪري قيادت گڏجي نئين سوچ ۽ اميج سان ملڪ کي معاشي سميت هر محاظ تي مضبوط ڪري رهي آهي، اهم قومي اشوز تي ميڊيا جي ذميواراڻي ڪردار جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته پاڪستان جي ميڊيا هميشه قومي اشوز ۽ ملڪي مفاد ۾ خاص ڪردار ادا ڪيو آهي، اميد آهي ته انهن اشوز تي به ميڊيا پنهنجو هاڪاري ڪردار ادا ڪندو رهندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *