قومي ايڪشن پلان دهشتگردن کي برباد ڪري ڇڏيندو: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ کان ڪو اڻڄاڻ نٿو رهي سگهي، پاڪستان کي دهشتگردن مان پاڪ ڪرڻ اسان جو مشن آهي، دهشتگردن ۽ سندن مددگارن ۾ ڪو فرق نه رکيو ويندو، صحيح وقت تي موضون قدمن سان ڪاميابي ماڻينداسين، پنهنجي پاڪ فوج جي ڀرپور حمايت ڪنداسين، دهشتگردي کان ڊڄڻ بدران ان کي هارائينداسين، جنگ سفارتي حڪمت عملي، انٽيليجنس ۽ فوجي قيادت سان گڏجي کٽنداسين، دهشتگرد خوف جو ماحول پيدا ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهن، اسان هي جنگ دهشتگردن جي ٺڪاڻن تائين کڻي وينداسين. هو خميس ڏينهن قومي سلامتي متعلق اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف، آءِ ايس آءِ ڊي جي رضوان اختر، آءِ ايس پي آر ڊي جي عاصم سليم باجوه، خيبر پختونخوا گورنر سردار مهتاب خان ۽ وفاقي وزيرن چوڌري نثار علي خان، اسحاق ڊار، سينيٽر پرويز رشيد ۽ احسن اقبال شرڪت ڪئي. اعليٰ سطحي اجلاس ۾ وزيراعظم نواز شريف کي آپريشن ضرب عضب ۽ قومي پلان آف ايڪشن تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي بريفنگ آءِ ايس پي آر ڊي جي عاصم سليم باجوه ۽ گهرو سيڪريٽري ڏني. ان کان علاوه آرمي چيف جنرل راحيل شريف ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس جي فيصلن کان اجلاس کي آگاهه ڪيو. وزيراعظم طرفان آپريشن ضرب عضب ۽ قومي ايڪشن پلان ۾ پيشرفت تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. اجلاس ۾ وزيراعظم گذريل ڏينهن ڀارتي فورسز طرفان ڪيل سخت فائرنگ جي نتيجي ۾ شهيد ٿيل رينجرز اهلڪارن لاءِ فاتحه خواني ڪندي پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز کي هدايت ڪئي ته هو ڀارت سان ورڪنگ بائونڊري جي ڀڃڪڙي ۽ فائرنگ سبب پيش آيل معاملو اٿاري. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي دهشتگردن مان پاڪ ڪرڻ اسان جو مشن آهي، پوري سياسي قيادت ۽ قوم دهشتگردي خلاف جنگ تي متحد آهي، اسان پنهنجي فوج جي ڀرپور حمايت ڪنداسين، دهشتگردي خلاف نه صرف وڙهنداسين پر ان کي روڪينداسين به، حڪومت جو پلان آف ايڪشن دهشتگردن جو خاتمو ڪري ڇڏيندو. ان کان پهريان اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان وزيراعظم کي دهشتگردي روڪٿام جي اداري نيڪٽا جي باضابطا اجلاس متعلق بريفنگ ڏني ۽ جنهن ۾ هن ٻڌايو ته پابندي مڙهيل تنظيمن کي ڪم کان روڪڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪئي وئي آهي، جنهن تي وزيراعظم اطمينان جو اظهار ڪيو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *