قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد وڌيڪ تيز ڪيو وڃي: وفاق ۽ صوبن ۾ اتفاق

اسلام اباد (بيورو) وفاق ۽ صوبن قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد وڌيڪ تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو، صوبن ۽ ڳجهن ادارن وچ ۾ رابطا وڌيڪ بهتر بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، وزيراعظم چيو آهي ته قومي ايڪشن پلان تي اڳڀرائي ٿي آهي، پر ان جي ڪجهه حصي تي عملدرآمد ناهي ٿيو، قومي ايڪشن پلان تي اثرائتو عملدرآمد ڪرڻ جي ضرورت آهي.وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظمهائوس ۾ نيشنل ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف، ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار، خواجا آصف، اسحاق ڊار ۽ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم شرڪت ڪئي.چئني صوبن جا وڏا وزير، گلگت بلتستان جو وزيراعليٰ، چيف سيڪريٽري، گهرو سيڪريٽري، آءِ جيز ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار به اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.اجلاس ۾ صوبائي عملدارن قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد بابت رپورٽ پيش ڪئي ۽ سيڪيورٽي صورتحال بابت بريفنگ ڏني ، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هن وقت تائين 11 سئو 55 دهشتگرد مارجي ويا آهن ۽ 60 هزار ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو آهي.اجلاس دوران آپريشن ضرب عضب، ڪراچي آپريشن، امن امان جي صورتحال، فاٽا ۾ نئين سر تعمير، مدرسن، اين جي اوز، هٿيارن جي لائسنس بابت پاليسين جو جائزو ورتو ويو.اجلاس ۾ فرقيواريت ۽ انتهاپسندي جي روڪٿام لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙڻ تي غور ويچار ڪيو ويو.نيشنل اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ مسجدن ۽ مدرسن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ جي به تجويز ڏني وئي.اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو ته قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد وڌيڪ تيز ڪيو ويندو، صوبن ۽ ڳجهن ادارن ۾ رابطا وڌيڪ بهتر بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته دهشتگردي خلاف حڪمت عملي تي هڪجهڙي اڳڀرائي ٿيڻ گهرجي، سياسي ۽ عسڪري قيادت گڏجي حڪمت عملي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي وزيراعظم چيو ته جلد ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو ڪيو ويندو، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سڀني کي الرٽ رهڻو پوندو.نواز شريف چيو ته ڪراچي آپريشن ڪنهن به جماعت خلاف ناهي، ڪراچي ۾ امن واپس اچي رهيو آهي، دهشتگردي ۽ ڀنگ لاءِ اغوا جي واقعن ۾ گهٽتائي آئي آهي.وزيراعظم نواز شريف چيو ته قومي ايڪشن پلان تي اڳڀرائي ٿي آهي، پر ان جي ڪجهه حصي تي عملدرآمد ناهي ٿيو، قومي ايڪشن پلان تي اثرائتو عملدرآمد ڪرڻ جي ضرورت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *