قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد لاءِ خاص ٽيم قائم، نگراني پاڻ ڪندس: وزير اعظم

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم نواز شريف قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد لاءِ خصوصي ٽيم قائم ڪري ورتي آهي ڪميٽي ۾ چوڌري نثار، پرويز رشيد، احسن اقبال، سرتاج عزيز، خواجه آصف ڪميٽي جا ميمبر هوندا، ان موقعي تي وزيراعظم جو چوڻ هو ته قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي معاملن جي پاڻ نگراني ڪندس، پلان تي گهٽ ۾ گهٽ وقت ۾ عملدرآمد يقيني بنايو ويندو، هن جو چوڻ هو ته شهرن ۽ گهٽين ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروايون فيصلائتيون آهن، قبائلي علائقن ۾ ضرب عضب ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروايون فيصلائتيون آهن وزيراعظم اجلاس ۾ اٽارني جنرل کي هدايت ڪئي ته خصوصي عدالتون قائم ڪرڻ لاءِ سمورين پارٽين سان فوري رابطو ڪريو.وزيراعظم نواز شريف جي منظوري کانپوءِ دهشتگردي خلاف ايڪشن پلان تي عملدرآمد شروع ڪيو ويو آهي، گهرو وزارت چئن ئي صوبن ۽ اسلام آباد انتظاميه کي پوري ملڪ مان 7 هزار شڪي ماڻهن جي گرفتاري جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن ذريعن ٻڌايو آهي ته گهرو وزارت پوري ملڪ مان 6 هزار 7 سئو 77 شڪي ماڻهن کي حفاظتي تحويل ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي امڪاني طور تي حفاظتي تحويل ۾ ورتلن ۾ 14 سئو 16 ماڻهن جو تعلق پنجاب سان آهي، خيبرپختونخواهه مان 4000 کان وڌيڪ ۽ بلوچستان مان 338 شڪي ماڻهن کي حفاظتي تحويل ۾ ورتو ويندو، فهرست ۾ سنڌ مان هڪ هزار ۽ اسلام آباد مان 23 ماڻهن جا نالا شامل آهن، گهرو وزارت چئن ئي صوبن ۽ اسلام آباد انتظاميه کي انهن ماڻهن کي حفاظت ۾ وٺڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته پوليس انهن ماڻهن کي گرفتار نه ڪندي جن جي باري ۾ هو اهو سمجهن ته انهن جو تعلق ڪنهن پابندي مڙهيل تنظيم سان ناهي، جڏهن ته ان جي ذميواري لاڳاپيل پوليس اسٽيشن جي ايس ايڇ او تي هوندي، جن ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن انهن جو رڪارڊ دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ 1997ع جي شيڊيول فور ۾ موجود آهي شيڊول چار ۾ آءِ ايس آءِ، آءِ بي ۽ سي آءِ ڊي پوليس پنهنجن گڏيل اجلاسن ۾ وقفي وفقي سان پابندي مڙهيل تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ حمايت ڪندڙڻ جا نالاشيڊول چار ۾ داخل ڪندي رهندي آهي ان ۾ شامل ماڻهن کي پنهنجو علائقو ڇڏي ٻي جاٰءِ تي وڃڻ لاءِ پوليس کي رپورٽ ڪرڻ لازمي هوندو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *