قومي ايڪشن پلان تي سمورن ادارن کي فوري عمل ڪرڻو پوندو: آرمي چيف

راولپنڊي(م.ڊ) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف دهشتگردن ۽ سندن حامين خلاف سخت ترين ڪارروائي خاطر بامقصد فيصلي لاءِ سڄي قوم جون نظرون سياسي ۽ فوجي قيادت تي آهن. هن اهڙو اظهار 178 هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس خميس ڏينهن جنرل هيڊڪوارٽر ۾ ٿي جنهن جي صدارت چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف ڪئي. ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ ڪمانڊرن اميد ظاهر ڪئي ته آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ دهشتگردي جي خلاف سياسي اتفاق راءِ قائم ٿيو آهي جنهن کي ننڍن معاملن جي ڪري ناڪام نه ٿيڻ گهرجي. آرمي چيف جنرل راحيل شريف زور ڀريو ته وقت ضايع ڪرڻ کانسواءِ سمورن ادارن کي گڏجي دهشتگردي خلاف طئي ڪيل قومي ايڪشن پلان تي عمل کي يقيني بنائڻ گهرجي. ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ ڪمانڊرن پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول سانحي تي سخت ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ سانحي ۾ شهيد ٿيلن جي ڪٽنبن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي ان عزم کي ورجايو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تي تائين آپريشن جاري رکيو ويندو. ڪانفرنس ۾ ملڪ جي اندروني توڙي بيروني صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو جنهن ۾ خاص طور تي دهشتگردن خلاف جاري آپريشن تي غور ويچار ڪيو ويو. ملڪ اندر تازو شروع ڪيل انٽيليجنس معلومات جي بنياد تي آپريشن تي ويچاريو ويو ۽ ان جي مثبت نتيجن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *