قومي ايڪشن پلان تي تڪڙي ۽ اثرائتي طريقي سان عمل ڪرائڻ تي اتفاق

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم نواز شريف جو چوڻ آهي ته ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو ڪري سک جو ساهه کنيو ويندو، ايڪشن پلان تي ان جي روح موجب عمل ڪيو وڃي. وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ دهشتگردي خلاف قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد جو جائزو وٺڻ بابت اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار، بچاءَ واري وزير خواجا آصف، چئني صوبن جي وڏن وزيرن، آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ ڊي جــِي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر سميت ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن طرفان قومي حڪمت عملي بابت کنيل قدمن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ شريڪ حڪومتي ميمبرن ۽ اعليٰ فوجي عملدارن دهشتگردي ۽ دهشتگردن کي ملڪ مان ختم ڪرڻ بابت هڪ ڀيرو ٻيهر عزم جو اظهار ڪيو. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته قومي ايڪشن پلان تي ان جي روح موجب عمل ڪيو وڃي ۽ ڀرپور عملدرآمد لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن. نواز شريف چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سڄي قوم متحد آهي ۽ دهشتگردن کي ملڪ جي ڪنهن به ڪــُنڊ ۾ لِڪڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. وزيراعظم چيو ته دهشتگرديءَ جي پاڙ پٽڻ لاءِ قومي قيادت پــُرعزم آهي ۽ ايڪشن پلان تي عمل انتهائي ضروري آهي، نواز شريف چيو ته  اجلاس جو مقصد قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد ڪرائڻ آهي، قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد ئي ڪاميابي جي ڪنجي آهي. نواز شريف چيو ته قومي ايڪشن پلان نون ليگ جو نه پر سمورين سياسي جماعتن جي اتفاق سان جوڙيون ويو آهي، وزيراعظم نواز شريف چيو ته پشاور سانحي کانپوءِ سمورين جماعتن ايڪشن پلان تي اتفاق ڪري پنهنجون پنهنجون سفارشون اماڻيون ويون، صوبن کي هٿ هٿن ۾ ڏئي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.. اجلاس دوران وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار مدرسن جي رجسٽريشن ۽ ميڊيا جي ضابطا اخلاق بابت بريفنگ ڏني. گهرو وزير چيو ته مدرسن جي رجسٽريشن لاءِ لاڳاپيل ادارن کي اعتماد ۾ ورتو ويو آهي ۽ هــُو مدرسا رجسٽريشن ڪرائڻ لاءِ تيار آهن. چوڌري نثار چيو ته ميڊيا لاءِ ڪوڊ آف ڪنڊٽ جوڙڻ لاءِ هڪ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. سنڌ جي وڏي وزير کي ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال تي بريفنگ ڏيڻ لاءِ خاص طور طلب ڪيو ويو هو،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *