قومي اسيمبلي ۾ گورنر اسٽيٽ بينڪ تي ڇتي تنقيد، گوڙ، حڪومتي ميمبرن جو احتجاج

اسلام آباد(م.د) قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پيپلزپارٽي جي ايم اين اي شازيا عطا مري جي سوالن ۽ مسلم ليگ نون جي خواجا آصف جي بيان تي حڪومتي ميمبرز پاران احتجاج ڪيو ويو، شازيا عطا مري سوال ڪيو ته ٻڌايو وڃي ته آئين جي ڪهڙي شق تحت وزيراعظم کي اهو اختيار مليل آهي جو هو پي ايس ڊي پي کانسواءِ ڪي ترقياتي اسڪيمز جاري ڪري سگهي. وزيراعظم جي قانون بابت صلاحڪار بابر اعواڻ جواب ڏيندي چيو ته وزيراعظم عمران خان عهدو سنڀالڻ شرط پنهنجو صوابديدي فنڊ ختم ڪري ڇڏيو ۽ هو پي ايس ڊي پي ۽ آئيني گائيڊ لائينز تحت ئي اسڪيمز جو اعلان ڪندو آهي، شازيا مري ٻيهر ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسپيڪر هن جو مائيڪ بند ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته هي اجلاس رڳو توهان جي ڪري نه ٿا هلائي سگهون. نون ليگ جي خواجا آصف گورنر اسٽيٽ بينڪ رضا باقر تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو ته رضا باقر آءِ ايم ايف جو نمائندو آهي، هن مصر جو ٻيڙو ٻوڙيو هاڻي پاڪستان جو ڏيواليو ڪڍي رهيو آهي، خواجا آصف چيو ته اسٽيٽ بينڪ جو گورنر چوي ٿو ته رپئي جو ملهه گهٽجڻ سان سمنڊ پار پاڪستانين کي فائدو ٿيو، پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام جو ڇا ٿيو، ان جي باري ۾ هن ڪجهه به نه ٻڌايو. نون ليگ جي ايم اين اي وڌيڪ چيو ته عمران خان ڪنٽينر تي بيهي چوندو هو ته ڊالر تي هڪ روپيو وڌڻ سان ملڪ جو قرض وڌي ويندو آهي ۽ اڄ ڊالر جي قيمت ۾ روز اضافو ٿي رهيو آهي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *