قومي اسيمبلي ۾ پ پ ميمبرن جو سنڌ ۾ لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ پ پ ميمبرز جو سنڌ ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف  سخت احتجاج ڪيو آهي، پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته  واپڊا جا سنڌ حڪومت ڏانهن 66 ارب رپيا رهيل آهن، هٿ ٻڌي چوان ٿو ته ادائيگي ڪئي وڃي، جيڪو صوبو رهتون ادا نه ڪندو، ان کي بجلي فراهم نه ڪنداسين.  قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو. اجلاس ۾ پيپلزپارٽي جي ميمبر اياز سومرو سنڌ ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ تي احتجاج ڪندي چيو ته لاڙڪاڻي ۾ 18 ڪلاڪ بجلي بند ڪئي پئي وڃي، ڇا لاڙڪاڻو پاڪستان جو حصو ناهي؟. اياز سومري چيو ته سنڌ سان اهڙو رويو نه رکيو وڃي، جيڪو ماڻهو بلز جي ادائيگي ڪن ٿا، گهٽ ۾ گهٽ انهن کي بجلي فراهم ڪئي وڃي، نه پاڻي ۽ نه بجلي، هو ڪيڏانهن وڃن.  اياز سومري جي احتجاج تي ايوان ۾ ڳالهائيندي پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو ته سنڌ حڪومت ڏانهن واپڊا جا 66 ارب رپيا رهيل آهن پر صوبائي سرڪار رڳو 9 ارب رپيا قبولي رهي آهي. خواجه آصف چيو ته هـُو سنڌ حڪومت کي هٿ ٻـَڌي چوي ٿو ته واپڊا جون رهتون ادا ڪيون وڃن، جيڪو صوبو بجلي جون رهتون ادا نه ڪندو، ان کي بجلي فراهم نه ڪئي ويندي. هن چيو ته سنڌ حڪومت اومني کي هر مهيني بل ڏيڻ لاءِ تيار آهي، پر واپڊا جون ادائيگيون نٿيون ڪيون وڃن، ڪي اليڪٽرڪ پاران به سئي سدرن گيس کي 50 ارب رپيا ادا ڪرڻا آهن. خواجه آصف چيو ته سنڌ ۾ عام ماڻهو ۽ پرائيويٽ سيڪٽر بجلي بلز جي ادائيگي ناهن ڪندا، جتي ادائيگي نه  ٿيندي، اتي بجلي به نه ڏني ويندي. اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت ڏانهن رهتون آهن ته اهي فوري طور ادا ڪرڻ گهرجن. ايوان ۾ ايم ڪيو ايم پاران قومي اسيمبلي ۾ تلاوت بعد نعت پڙهڻ لاءِ ترميم پيش ڪئي وئي، حڪومت پاران حمايت بعد معاملو ڪميٽي حوالي ڪيو ويو. ايوان ۾ پيپلزپارٽي پاران غيرت جي نالي تي قتل  ۽ زوري زِنا واري قانونن ۾ ترميم وارا بل پڻ پيش ڪيا، جنهن کي پڻ اسپيڪر لاڳاپيل ڪميٽيز حوالي ڪري ڇڏيو. ايوان ۾ اپوزيشن عورت ميمبرز کي فنڊ نه ملڻ تي واڪ آئوٽ ڪيو، جنهن بعد اسپيڪر اجلاس سڀاڻي ڏهين وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *