قومي اسيمبلي ۾ لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج، بل ادا نه ڪندڙ کي بجلي نه ملندي: وفاقي حڪومت

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي اينٽي مني لانڊرنگ ترميمي بل سميت مختلف بلز جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ايوان ۾ پ پ ميمبرز لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج ڪندي وزيراعظم نواز شريف کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي، مملڪتي وزير عابد شير علي جو چوڻ آهي ته جيڪو بل ادا نه ڪندو، ان کي بجلي نه ڏني ويندي. قومي اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم نواز شريف به شرڪت ڪئي. اجلاس جي شروعات ۾ ميانوالي ويجهو جهاز حادثي ۾ شهيد ٿيل ايئرفورس جي پائليٽ مريم مختيار جي روح کي ايثال ثواب پهچائڻ لاءِ فاتح خواني ڪئي وئي. ايوان ۾ وزيراعظم نواز شريف جي موجودگي دوران پ پ ميمبرز سنڌ ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج ڪيو. پ پ ايم اين اي شگفتا جماڻي چيو ته بدين سميت سنڌ ۾ 18 کان 20 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، وزيراعظم کي اپيل آهي ته سنڌ ۾ بجلي جي بندش جو نوٽيس وٺي. پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير مملڪتي وزير عابد شير علي چيو ته حڪومت لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، پر جيڪو بل ادا نه ڪندو، ان کي بجلي به نه ملندي. پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو ته پيپلزپارٽي کي خبر آهي ته بدين ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، رڳو الزام نه هنيا وڃن ٻڌايو وڃي ته ڪهڙن علائقن ۾ 18 کان 20 ڪلاڪ بجلي بند آهي. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار سينيٽ مان منظوري بعد اينٽي مني لانڊرنگ ۾ ترميم جو بل پيش ڪيو، جنهن جي ايوان پاران اتفاق راءِ سان منظوري ڏني وئي، بل تحت دهشتگردن جي مالي معاونت ڪندڙ ۽ مني لانڊرنگ جي روڪٿام بابت حڪمت عملي واضح ڪئي ويندي، مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردن جي مالي معاونت بابت نه صرف رپورٽس تيار ڪيون وينديون پر انهن تي عمل درآمد به يقيني بڻايو ويندو. بل تحت دهشتگردن جي فنڊنگ روڪي ويندي، اهڙا ماڻهو جن جو واسطو دهشتگردي يا اهڙي سرگرمين ۾ ملوث تنظيمن سان هوندو، انهن خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي. ايوان ۾ ڪمپني آرڊيننس 1984  ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج ايڪٽ 2012 ۾ ترميم واري بلز جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ پي ٽي آءِ جي شيرين مزاري جي مخالفت سبب هلال اٿارٽي جي قيام بابت ترميم بل جي منظوري سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *