قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن مرتضيٰ جاويد عباسي کي تڪراري قرار ڏئي ڇڏيو، ڊپٽي اسپيڪر جي موجودگي ۾ ايوان ۾ ويهڻ کان انڪار، واڪ آئوٽ

اسلام آباد (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد کي تڪراري ڪوٺيندي سندس موجودگي ۾ ايوان ۾ ويهڻ کان انڪار ڪندي احتجاجن واڪ آئوٽ ڪيو، اپوزيشن شيم شيم جا نعرا هنيا، اپوزيشن جي واڪ آئوٽ وقت وزيراعظم محمد نواز شريف ايوان ۾ آيو ۽ اٽڪل 40 منٽ بعد ايوان ۾ ويهڻ کانپوءِ واپس هليو ويو، وزيراعظم جي ايوان مان وڃڻ کانپوءِ پينل آف چيئرمين جي ميمبر محمود بشير ورڪ جڏهن اجلاس جي صدارت سنڀالي ته اپوزيشن ايوان ۾ واپس اچي وئي، هن واڪ آئوٽ ۾ ايم ڪيو ايم حصو نه ورتو، جڏهن ته وزيراعظم جي وڃڻ کانپوءِ ايم ڪيو ايم جا ميمبر ن پاران ڪيل بک هڙتال تي حڪومتي توجهه نه ڏيڻ تي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو، ان کان اڳ قومي اسيمبلي جو اجلاس اڱاري تي صبح 11 لڳي 5 منٽن تي ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد جي صدارت ۾ شروع ٿيو. پ پ جي نواب يوسف ٽالپر پوائنٽ آف آرڊر تي اٿي بيهي چيو ته ڊپٽي اسپيڪر گذريل رات اسان سان ناانصافي ڪئي آهي، اپوزيشن جي ميمبرن جو انگ وڌيڪ هو پر اجلاس جي صدر نشين ڊپٽي اسيپڪر فيصلو اسان جي خلاف ڏنو، اسان اپوزيشن جي سمورن ميمبرن مشاورت کانپوءِ فيصلو ڪيو آهي ته جيستائين ڊپٽي اسپيڪر معذرت نٿو ڪري اسان واڪ آئوٽ ڪنداسين، شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ائين ٿيو آهي جو اقليت کي اڪثريت تي ترجيح ڏني وئي آهي، ڊپٽي اسپيڪر تڪراري ٿي چڪو آهي، ان جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس دوران اپوزيشن ايوان ۾ نه ويهندي، ڊپٽي اسپيڪر هن ايوان جو نگهبان آهي جنهن کي ايوان کي غير جانبداري سان هلائڻ هوندو آهي، پر گذريل ڏينهن هن پاڻ کي تڪراري بڻايو آهي، ان تي اپوزيشن شيم شيم جا نعرا هنيا، هن چيو ته گذريل ڏينهن اپوزيشن جا 4 ميمبر وڌيڪ هئا، حڪومت جي شڪست کي ڊپٽي اسپيڪر پنهنجي ووٽ سان تبديل ڪيو، پاڪستان جي پارليامينٽ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ائين ٿيو آهي جو 4 ميمبر وڌيڪ هئڻ باوجود ڊپٽي اسپيڪر اهڙو رويو اختيار ڪيو تنهنڪري هو تڪراري ٿي چڪو آهي، ان جي سربراهي ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ اپوزيشن ايوان ۾ نه ويهندي، ان سان گڏ اپوزيشن ميمبر واڪ آئوٽ ڪرڻ لڳا ته ڊپٽي اسپيڪر چيو ته جڏهن ووٽنگ ٻيهر ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي وئي هئي، جماعت اسلامي جي صاحبزاده طارق الله چيو ته اسپيڪر کي حڪمت عملي سان ڊيل ڪرڻ گهرجي ها، کيس معاملو ملتوي ڪري ڇڏڻ گهرجي ها، وفاقي وزير زاهد حامد چيو ته جيڪڏهن اپوزيشن کي يقين هيو ته ان جي عددي اڪثريت آهي ته هو ٻيهر ڳڻپ ڪرائي ها، هي زيادتي آهي جو ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو آهي، ڊپٽِي اسپيڪر چيو ته مان ٻيهر ڳڻپ جي ڳالهه ڪئي هئي، شيرين مزاري جي چوڻ تي دروازا بند ڪيا ويا هئا، ان موقعي تي اپوزيشن ميمبرن واڪ آئوٽ ڪيو، اپوزيشن جي واڪ آئوٽ کانپوءِ تحريڪ انصاف جي راءِ حسن نواز ڪورم جي نشاندهي ڪئي، ڳڻپ تي گهربل ميمبر موجود نه هئڻ تي ڊپٽي اسپيڪر ڪورم پورو ٿيڻ تائين اجلاس جي ڪارروائي معطل ڪري ڇڏي. ٻئي پاسي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته اپوزيشن کي هڪ طئه ٿيل منصوبي تحت وزيراعظم جي موجودگي ۾ ايوان کان ٻاهر رکيو ويو، اهڙي طرح ايوان نٿو هلائي سگهجي، جيڪڏهن اپوزيشن جي طاقت کي گهٽايو ويو ته پارليامينٽ جي طاقت گهٽجي ويندي، اڱاري تي قومي اسيمبلي ۾ ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد جي ڪرسي صدارت ڇڏڻ کانپوءِ واڪ آئوٽ ختم ڪري ايوان ۾ واپسي تي هن چيو ته اسان ڊپٽي اسپيڪر جي ڪالهه واري رويي خلاف واڪ آئوٽ ڪيو، وزيراعظم جو ايوان ۾ اچڻ تي اپوزيشن جو ايوان ۾ نه هجڻ لاءِ وزيراعظم لاءِ پريشان ٿيڻ واري ڳالهه هئي، جيڪڏهن ان جي جاءِ تي ڪو ٻيو وزيراعظم هجي ها ته اهو پاڻ اپوزيشن کي پرچائي ايوان ۾ وٺي اچي ها. حڪومت رٿابندي تحت ڊپٽي اسپيڪر کي ان وقت تائين ڪرسي صدارت تي ويهاريو جيستائين وزيراعظم ايوان ۾هو، ان جو مقصد اهو هو ته اپوزيشن وزيراعظم اڳيان پنهنجو موقف نه رکي سگهي، اها به روايت آهي ته جڏهن وزيراعظم ايوان ۾ هجي اسپيڪر پاڻ صدارت ڪري، اسپيڪر ان بلڊنگ ۾ هوندي صدارت جي ڪرسي تي نه آيو، اسان ڊپٽي اسپيڪر جي موجودگي ۾ ايوان ۾ نه اينداسين، وزيراعظم جو ايوان ۾ هجڻ ۽ اپوزيشن جو نه هجڻ ان لاءِ پريشان ڪندڙ آهي، اپوزيشن بهتر نموني سياست ڪئي آهي، اڄ شايد وزيراعظم کي اهو به مشهورو ڏنو ويندو هو ته سٺو آهي ته اپوزيشن ٻاهر رهي، جيڪڏهن اندر هوندي ته اپوزيشن ليڊر ڳالهائيندو جنهن جو جواب وزيراعظم کي ڏيڻو پوندو، حڪومت صدر جي خطاب تي تشڪر واري قرارداد کي تڪراري بڻائي صدر جي حيثيت کي تڪراري بڻايو آهي، ڊپٽي اسپيڪر ووٽ ڏئي تڪراري بڻايو، جيڪڏهن اسپيڪر مصروف هو ته ڊپٽي اسپيڪر جي جاءِ تي ڪنهن ٻئي کي ڪرسي صدارت ويهاري ها، اسان به واپس اچون ها، جيڪڏهن اپوزيشن جي طاقت کي گهٽايو ويو ته پارليامينٽ جي طاقت به گهٽجي ويندي. پوائنٽ آف آرڊر تي ڪيٽن رٽائرڊ صفدر چيو ته خضدار ۾ پي آءِ اي فلائيٽس شروع ٿيڻ گهرجي، مولانا قمر الدين جو ٺهراءُ اهم آهي ان تي ڪميٽي ٺاهي وڃي، اعجاز جکراڻي چيو ته مولانا قمر الدين جي ٺهراءَ جي مخالفت حڪومت ڪئي ۽ هاڻ حڪومت جو هڪ ميمبر ان جي حمايت ڪري رهيو آهي، اها ٻٽي پاليسي آهي، طارق الله چيو ته مولانا قمر جي ٺهراءَ جي مخالفت جو ڏک ٿيو آهي، جيتوڻڪ هو حڪومتي حمايتي آهي، هن پنهنجي اتحادي جي مخالفت ڪئي، جي آءِ پل ڊاٽ جي سروي مطابق سڀ کان جمهوري جماعت آهي، ٻين جماعتن کي به جماعت اسلامي جي تقليد ڪرڻ گهرجي. اجلاس جي ڪارروائي اربع جي صبح ساڍي 10 وڳي تائين ملتوي ڪئي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *