قومي اسيمبلي ۾ آپوزيشن ليڊر جي تبديلي جي معاملي تي پي ٽي آئي اختلافن جو شڪار. اڳواڻ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويا

اسلام آباد (اين اين آءِ) پي ٽي آئي جي شاهه محمود قريشي کي قومي اسيمبلي ۾ آپوزيشن ليڊر آڻڻ جي معاملي تي اختلافن جو شڪار ٿي وئي، ذريعن موجب قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آئي جي شاهه محمود قريشي کي قومي اسيمبلي ۾ آپوزيشن ليڊر نامزد ڪرڻ تي پارٽِي آڳواڻ ٻن هصن ۾ ورهائجي ويا ۽ پارٽي گروپ بندي جو شڪار ٿي وئي  آهي ان ۽ فيصلي تي ڪجهه قومي اسيمبلي جا ميمبر سخت ناراض ٿي ويا آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته پارٽي سربراهه عمران خان جي صدارت ۾ٿيل اجلاس ۾ عمران خان آپوزيشن ليڊر بنائن جو فيصلو ڪيو ويو هو جڏهن ته شاهه محمود قريشي جي گذريل ڏينهن ايم ڪيو ايم جي قيادت سان ان جي مرڪز تي ملاقات سان کيس آپوزيشن ليڊر بنائڻ  جو تاثر ڏنو ويو جنهن تي ڪراچي جي مقامي قيادت ۽ ڪي پي ڪي جي ڪجھه ميمبرن اعتراض ڪيو آهي. پي ٽي آئي جي اهم اڳواڻ عمران اسماعيل شاهه محمود کي آپوزيشن ليڊر بڻجن تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي ته ايم ڪيو ايم سان ملڻ تي ڪارڪنن جو سخت رد عمل ايندو، جنهن سان پارٽِي قيادت ۽ ورڪرن ۾ ڇڪتاڻ واري ڪيفيت ٿيندي جيڪو پارٽِي لاءِ نقصان آهي انهي خدشن جو اظهار  ڪي پي ڪي  جي اسميبلي مان چونڊيل ميمبرن به ڪيو آهي جيڪي شاهه محمود سان خوش ناهن.  انهن جو مطالبو آهي ته عمران خان پاڻ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ جو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *