قومي اسيمبلي جو اجلاس، بنگلاديش ۾ جماعت اسلامي جي امير کي ڦاسي ڏيڻ خلاف مذمتي قرارداد منظور

اسلام آباد (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي بنگلاديش ۾ جماعت اسلامي جي اڳوڻي امير مولانا مطيع الرحمان نظامي کي ڦاسي ڏيڻ خلاف متفقه طور تي مذمت واري قرارداد منظور ڪئي ويئي جڏهن ته ايصال ثواب لاءِ دعا به ڪئي ويئي. اسپيڪر جي چوڻ تي صاحبزاده طارق الله، مطيع الرحمان جي ايصال ثواب لاءِ دعا ڪرائي تنهن کان پوءِ جماعت اسلامي جي پارلياماني معاملن واري ليڊر طارق الله چيو ته بنگلاديش ۾ 6 ڄڻن کي شهيد ڪيو ويو آهي ۽ اهو ظلم آهي اسان سڀني کي ان جي مذمت ڪرڻ گهرجي هن چيو ته 1971 ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو پوري قوم ان کان آگاهه آهي جن ماڻهن پاڪستان سان محبت جي ڪري متحده پاڪستان جي حمايت ڪئي انهن سان اهڙو ظلم ڪيو پيو وڃي هن چيو ته 45 سالن کان پوءِ اهم اڳواڻن سان اها ناانصافي آهي ۽ ان مسئلي تي  گڏيل طور قرارداد منظور ڪئي وڃي. هن چيو ته بنگلاديش ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏيندڙ هزارين ماڻهن هن وقت به جيلن ۾ آهن اسان کي بنگلاديش جي سفير کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري احتجاج ڪرڻ گهرجي. اعجاز جکراڻي چيو ته بنگلاديش ۾ وڏو افسوسناڪ واقعو ٿيو آهي شائسته پرويز ملڪ چيو ته 1974 ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ هڪ معاهدو ٿيو هو ته پاڪستان جي تقسيم جي حوالي سان معاملن ۾ شريڪ ڪنهن کي به سزا نه ڏني ويندي بنگلاديش ان معاهدي جي خلاف ورزي ڪئي آهي مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته بنگلاديش 1974 جي معاهدي جي خلاف ورزي ڪئي آهي ۽ اهو ظلم آهي ان حوالي سان مذمتي قرارداد منظور ٿيڻ گهرجي جنهن کان پوءِ قومي اسيمبلي بنگلاديش ۾ جماعت اسلامي جي اڳوڻي امير مولانا مطيع الرحمان نظامي کي ڦاسي ڏيڻ خلاف مذمتي قرارداد متفقه طور تي منظور ڪري ورتي. جڏهن ته اها قرارداد دفاع واري وفاقي وزير رانا تجوير حسين پيش ڪئي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته قومي اسيمبلي جو ايوان بزرگ بنگلاديشي سياسي اڳوڻي وزير مولانا معيع الرحمان نظامي کي بنگلاديش حڪومت پاران ڦاسي ڏيڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيون ٿا. ان کان اڳ محمود خان اچڪزئي تجويز ڏني ته اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ ٻين سينيئر پارليمينٽرين جو وفد بنگلاديش روانو ڪيو وڃي اسپيڪر چيو ته پرڏيهي کاتو ۽ سينيئر پارليمينٽرين وچ ۾ ميٽنگ جو بندوبست ڪيو ويندو جنهن ۾ محمود خان اچڪزئي ۽ شائسته پرويز ملڪ به شامل هوندا جڏهن ته صرف قرارداد منظور سان ڪوبه فائدو نه ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *