قومي اسيمبلي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي،مخالف ڌر جو مالي مطالبا منظور نه ٿيڻ ۽ لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج

اسلام آباد: (بيورو) قومي اسيمبلي نئين مالي سال  جي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي ، جڏهن ته مخالف ڌر لوڊشيڊنگ واري معاملي ۽  مالي مطالبا منظور نه ٿيڻ  تي ايوان ۾ سخت احتجاج ڪيو. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ مخالف ڌر جي غير موجودگي دوران وفاقي بجيٽ جي منظوري ڏني وئي ، ان کان اڳ اجلاس شروع ٿيو ته سخت گرمي ۽ لوڊشيڊنگ سبب فوت ٿيلن لاءِ دعا گهري وئي. مخالف ڌر جي ميمبرن ايوان ۾ حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي ۽ نعرا هنيا.مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه ايوان ۾ ڳالهائيندي چيو ته مخالف ڌر جي غير موجودگي ۾ مالي مطالبا منظور ڪرايا ويا هن چيو ته گرمي ۽ لوڊشيڊنگ سبب ماڻهو مري رهيا آهن، سرد خانن ۾ لاش رکڻ جي جاءِ ناهي پر حڪومت کي ڪا به پرواهه ناهي. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو ته جيڪڏهن پاڻي ۽ بجلي وارو وزير ايترو ئي مصروف آهي ته وزارت ڇڏي ڏئي. عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد جو چوڻ هو ته لوڊشيڊنگ واري معاملي تي پاڻي ۽ بجلي واري وڏي وزير خواجا آصف ۽ ننڍي وزير عابد شير علي کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. جمشيد دستي اجلاس دوران اسپيڪر جي ڊائيس اڳيان پهتو ۽ ايجنڊا جي ڪاپي ڦاڙي ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *