قومي اسيمبلي اسپيڪر تڪراري ٿي ويو آهي، بي اعتمادي واري رٿ آڻي سگهجي ٿي: پيپلز پارٽي

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارتي قومي اسيمبلي اسپيڪر اسد قيصر جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ آڻڻ جو اشارو ڏيندي چيو ته قومي اسيمبلي اسپيڪر تڪراري ٿي ويو آهي ان جي /ڏسو صفحو 2 بقايا نمبر 03

خلاف وقت اچڻ تي بي اعتمادي واري رٿ آڻي سگهجي ٿي جيڪڏهن پائليٽس جي ڊگرين ۾ مسئلا آهن ته پوءِ لائسنس ڪير ڏي ٿو ۽ ڊگريون ڪير ڏي ٿو غير ذميوار قيادت جي حڪمت عملي جي نتيجي ۾ ملڪ کي نقصان ٿي رهيو آهي هوابازي وارو وزر جيڪڏهن پنهنجي عزت بچائڻ چاهي ٿو ته پاڻ استعيفا ڏي عمران خان قومي اسيمبلي جي فلور تي اسامه بن لادن کي شهيد ڪوٺي ٿو نيشنل ايڪشن پلان تحت جيڪو دهشتگردن جو سهولتڪار آهي اهو غدار آهي علي زيدي جي تقرير مان لڳي ٿو ته منافق ڪير آهي ڪابينه ۾ اشريافيا ۽ مافياز ويٺا آهن گاريون ڏيڻ سان ڳالهه نه ٺهندي هر مافيا جو مک عمران خان آهي موجوده حڪومت مافيا جي سهاري هلي رهي آهي حڪومتي وزيرن کي ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين جنهن ڏينهن عمران نيازي عهدي تان هليو ويو ته 24 ڪلاڪن اندر حڪومتي وزير پنهنجي سي ويز ٻين جماعتن وٽ کڻي ويندا اهڙن خيالن جو اظهار پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ڊاڪتر نفيسه شاهه، پلوشه خان، سينيٽر روبينه خالد، ناز بلوچ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو نفيسه شاهه چيو ته 24 جون تي هوابازي جي وزير اسيمبلي ۾ چيو ته 262 پائليٽس جا لائسنس جعلي  آهن اسان چيو ته اها خبر ڪوڙي آهي ان ۾ ڪابه صداقت نه اهي هن چيو ته 6 ڏينهن اندر پاڪستان جا جيترا به پائليٽس آهن انهن کي نوڪرين تان برطرف ڪيو ويو آهي هن چيو ته يورپي يونين 3 مهينا پي آ3 اي جي اڏامن تي پابندي هڻي ڇڏي آهي نفيسه شاهه چيو ته غير  ذميوار قيادت جي حڪمت عملي جي نتيجي ۾ ملڪ کي نقصان ٿي رهيو آهي غداري جا لقب تاريخ ۾ گهڻا ڏنا ويا آهن جڏهن اوهان ملڪ کي نقصان پهچايو ٿا ته اهو غداري ۾ ليکيو وڃي ٿو هن چيو ته هوابازي جووزيرا جيڪڏهن پنهنجي عزت بچائڻ چاهي ٿو ته پاڻ استعيفا ڏي. پلوشا خان چيو ته عمران خان سڀ کان پهريان معيشت تي حملو ڪيو هن چيو ته پيپلزپارٽي ٻن ڪميشن جو مطالبو ڪري رهي آهي هن چيو ته حڪومتي وزيرن کي ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين سينيٽر روبينه خالد چيو ته عمران خان هوش هواس ۾ نه آهي، منافقت اعظم جي ڪهاڻي جلد ختم ٿيندي هن چيو ته ملڪ جي حالت جو ذميوار ڪير آهي جيڪڏهن وڌيڪ عرصو عمران خان حڪومت ڪئي ته ملڪ کي وڌيڪ نقصان ٿيندو. جن ڌرڻن ۾ پي ٽي آءِ جي مدد ڪئي انهن کي وياج سميت پئسا واپس ڪرڻا پوندا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *