قومي اسيمبلي اجلاس؛ خورشيد شاهه حسين حقاني کي غدار قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه حسين حقاني کي غدار قرار ڏئي ڇڏيو، خورشيد شاهه چيو ته جيڪو هتي پيدا ٿيو ۽ ٻاهر وڃي غداري ڪري اهڙي شخص کي اهميت ڏيڻ جي صرورت ناهي ۽ نه ئي اهڙي شخص جو ذڪر ايوان ۾ ٿيڻ گهرجي، حسين حقاني پنهنجي تازي لکيل آرٽيڪل ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته ”پاڪستان حڪومت جي رضامندي سان سي آءِ پاڪستان ۾ ڪارروايون ڪيون”، اهڙي انڪشاف تي قومي اسيمبليءَ ۾ آواز گونجڻ لڳا، پ پ حسين حقاني جي الزامن جي ترديد ڪري ڇڏي، اڄ قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نڪتي جو جواب ڏيندي خورشيد شاهه چيو ته اسان اهڙي شخص جي اهميت وڌائڻ نٿا چاهيون، حسين حقاني جي ايتري اهميت ناهي جو ان جو ذڪر ايوان ۾ ڪيو وڃي، ڪجهه سببن جي بنياد تي ان کي سفير جي عهدي تان هٽائي شيري رحمان کي سفير بڻايو ويو، خورشيد شاهه چيو ته جيڪو هتي پيدا ٿيو ۽ ٻاهر وڃي غداري ڪري ان جو ذڪر نه ڪيو وڃي، حسين حقاني جي بيان جي مذمت ڪرڻ ان جي اهميت وڌائڻ آهي، حسين حقاني جو مقصد دنيا ۾ پاڪستان کي بدنام ڪرڻ آهي، اويس لغاري پيپلز پارٽي کان مطالبو ڪيو ته اها حسين حقاني جي الزامن کان لاتعلقي ڪري، حسين حقاني توجهه حاصل ڪرڻ لاءِ پٺيان وار ڪندو آهي، تحريڪ انصاف جي عارف علوي الزام هنيو ته حسين حقاني آمريڪي ايجنٽن کي ويزا جاري ڪيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *